وزيراعظم شھباز شريف 31 مئي تائين سڄي ملڪ ۾ ڪاروباري مرڪزن کي بندش جي مقرر وقتن کان استثنيٰ ڏئي ڇڏيو آھي.
ڪابينہ ڊويزن طرفان استثنيٰ بابت نوٽيفڪيشن بہ جاري ڪيو ويو آھي.
نوٽيفڪيشن مطابق تمام بازار، ڊپارٽمنٽل اسٽورز، شاپنگ مالز سڄو ھفتو معمول مطابق کليل رھي سگھندا.
نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ بيڪريز، تندور، ريسٽورنٽس ۽ ڪريانہ اسٽورز بہ مقرر وقتن کان مستثنيٰ ھوندا.