وزيراعظم جي متحدھ عرب امارات جي نيو ڪليئر پلانٽ تي ڊرون حملي جي شديد مذمت

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: پاڪستان متحدھ عرب امارات جي براڪہ نيوڪليئر پلانٽ تي ڊرون حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي.

وزيراعظم شھباز شريف طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آھي تہ متحدھ عرب امارات ۾ نيوڪليئر انرجي پلانٽ تي ڊرون حملي جي مذمت ڪري ٿو.

ھن چيو تہ اسان متحدھ عرب امارات جي قيادت ۽ برادر عوام سان مڪمل يڪجھتي جو اظھار ڪريون ٿا، ڌريون وڌ کان وڌ صبر جو مظاھرو ۽ بين الاقوامي قانون تحت پنھنجي ذميواري پوري ڪن.

وزيراعظم شھباز شريف چيو تہ ڳالھيون ۽ سفارتڪاري ئي علائقائي امن، استحڪام ۽ ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي لاءِ واحد رستو آھن.

ٻئي طرف پرڏيھي وزارت جي ترجمان پنھنجي بيان ۾ چيو تہ نيوڪليئر توانائي پلانٽ کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ بين الاقوامي قانونن جي خلاف ورزي آھي، توانائي پلانٽ کي نشانو بڻائڻ جوھري تحفظ جي اصولن جي بہ سنگين خلاف ورزي آھي.

ترجمان جو چوڻ آھي تہ شھري جوھري تنصيبات کي ڪنھن بہ حالت ۾ نشانو نہ بڻائڻ گھرجي، اھڙا حملا انساني جانين، ماحول ۽ عالمي امن لاءِ تباھ ڪندڙ نتيجن جو سبب بڻجي سگھن ٿا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں