ڪراچي: ڊائو يونيورسٽي آف ھيلٿ سائنسز جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر جھان آرا حسن جو چوڻ آھي تہ سڄي ملڪ ۾ سالياڻو 4 لک ماڻھو بلڊ پريشر سبب مري وڃن ٿا.
ڊائو انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي جي انتظام ھيٺ بلڊ پريشر جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي ڪوٺايل سيمينار ۽ پينل ڊسڪشن کي خاص مھمان طور خطاب ڪندي پروفيسر جھان آرا حسن چيو تہ سڄي دنيا ۾ ھڪ ارب 40 ڪروڙ ماڻھو ھاءِ بلڊ پريشر جي مرض ۾ مبتلا آھن، ھر سال سڄي دنيا ۾ 10 ملين ماڻھو ھاءِ بلڊ پريشر سبب وفات ڪري وڃن ٿا جڏھن تہ پاڪستان ۾ اھو تعداد 4 لک آھي.
ھن چيو تہ ھاءِ بلڊ پريشر ڪيترين ئي وچڙندڙ بيمارين جو سبب بڻجي ٿو جن ۾ فاليج، دل جي بيماري، گڙدن جي بيماري ۽ نظر جي بيماري شامل آھن.
پروفيسر جھان آرا حسن مطابق ڊائو يونيورسٽي ڪراچي ۾ پنھنجي تمام 100 کان وڌيڪ ليب ڪليڪشن يونٽس کي بنيادي صحت جي فراھمي جي مرڪزن طور تي استعمال ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آھي، جتي ھاءِ بلڊ پريشر جي مانيٽرنگ ۽ علاج جون سھولتون بہ موجود ھونديون.
سيمينار دوران مقررن جو چوڻ ھو تہ پاڪستان ۾ 33 ملين ماڻھو ھاءِ بلڊ پريشر جو شڪار آھن جنھن ۾ 12 سيڪڙو جو بلڊ پريشر ڪنٽرول آھي جڏھن تہ انھن مان 50 سيڪڙو ماڻھو پنھنجي ھاءِ بلڊ پريشر کان اڻواقف آھن، ھاءِ بلڊ پريشر سبب ھارٽ اٽيڪ ۽ فاليج جي مرض ۾ ڪيترا ڀيرا اضافو ٿيو آھي.