سنڌ طاس معاھدو: ثالثي عدالت پاڪستان جي حق ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

پاڪستان دي ھيگ ۾ قائم ثالثي عدالت ۾ ھڪ وڏي قانوني جنگ کٽي ورتي.

عدالت سنڌ طاس معاھدي (انڊس واٽرز ٽريٽي) تحت ايندڙ دريائن تي ڀارت طرفان تعمير ٿيندڙ پن بجلي منصوبن لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي وڌ کان وڌ گنجائش جي حساب ڪتاب جي طريقيڪار تي پاڪستان جي حق ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي.

ڪيس جي حساسيت سبب عدالت ثالثي جو اھو فيصلو اڃا باضابطھ طور تي شائع نہ ڪيو، جڏھن تہ اسلام آباد ۾ ان کي ھڪ وڏي سفارتي ۽ قانوني ڪاميابي جي طور تي ڏٺو پيو وڃي.

پاڪستان ثالثي عدالت آڏو ڀارت جي ان طريقيڪار کي چئلينج ڪيو ھو ۽ موقف اختيار ڪيو ھو تہ اھو انداز فڪر ڀارت کي 1960 جي سنڌ طاف معاھدي تحت طئي ٿيل اجازت کان وڌيڪ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش ٺاھڻ جي سھولت ڏئي ٿو.

پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ترجمان سيد مھر علي شاھ ٻڌايو تہ ٽربيونل پاڪستان جو موقف تسليم ڪري ورتو آھي ۽ اھو فيصلو ڏنو آھي تہ ڀارت ھڪ طرفي طور تي انھن بنيادن تي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش جو تعين نٿو ڪري سگھي جن کي پاڪستان “مصنوعي” قرار ڏنو ھو.

پاڪستان طرفان سنڌ طاس معاھدي تي عمل جاري رکڻ بابت فيصلي کي ڀليڪار ڪيو پيو وڃي.

عدالت ۾ ڀارت جي رتلي ھائيڊرو اليڪٽرڪ پلانٽ ۽ ڪشن گنگا ھائيڊرو اليڪٽرڪ منصوبي جي ڊيزائن جي معاملي تي دليل ڏنا ويا ۽ عدالت فيصلو 15 مئي تي جاري ڪيو.

پاڪستان مطابق فيصلو ثابت ڪري ٿو تہ سنڌ طاس معاھدي تحت ڀارت جي پاڻي ڪنٽرول صلاحيت تي واضح حدون موجود آھن، ڀارت اھو ثابت نہ ڪري سگھيو تہ پاڻي جو ذخيرو وڌي چڪو آھي.

فيصلي ۾ چيو ويو آھي تہ ڀارت تي لازم آھي تہ معاھدي جي جائزي لاءِ پاڪستان کي مڪمل معلومات فراھم ڪري، عدالتي فيصلا پاڪستاني موقف کي سائنسي، آبي ۽ اسٽريٽجڪ بنيادن تي وڌيڪ مضبوط ڪيو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں