عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ 3 سيڪڙو تائين اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.
مارڪيٽ رپورٽ مطابق برينٽ تيل 111 ڊالر في بيرل تائين وڪرو ٿيو، جڏھن تہ ڊبليو ٽي آئي ۽ يو اي اِي مربن تيل جي قيمت 108 ڊالر في بيرل رڪارڊ ڪئي وئي.
ماھرن مطابق وچ اوڀر ۾ وڌندڙ جغرافيائي ڇڪتاڻ، سپلاءِ بابت خدشا ۽ عالمي طلب ۾ اضافي سبب تيل جي قيمتن ۾ تيزي ڏٺي پئي وڃي.