آمريڪا ايران جي لاءِ امن عمل جا 5 سخت شرط مقرر ڪري ڇڏيا.
ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ ممڪنہ امن عمل ۾ ھڪ اھم اڳڀرائي سامھون آئي آھي جتي واشنگٽن تھران جي لاءِ 5 سخت شرط لاڳو ڪري ڇڏيا آھن.
فارس نيوز ايجنسي مطابق آمريڪي انتظاميہ واضح ڪيو آھي تہ انھن شرطن کي پورو ڪرڻ کانسواءِ ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ امن عمل کي اڳتي نٿو وڌائي سگھجي.
رپورٽ مطابق آمريڪا ايران جي ان مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو آھي جنھن ۾ ايراني سرزمين تي بمباري سان ٿيندڙ نقصان جي ازالي لاءِ معاوضو طلب ڪيو ھو.
واشنگٽن موقف اختيار ڪندي چيو آھي تہ ھو ڪنھن بہ قسم جي مالي ادائيگي جي لاءِ تيار ناھي.
ميڊيا رپورٽ مطابق آمريڪا 400 ڪلو گرام افزودھ روينيم جي منتقلي ۽ ھڪ جوھري تنصيب تائين محدود ڪرڻ جو مالبو ڪيو آھي.
آمريڪا ايران جي منجمد اثاثن ۾ صرف 25 سيڪڙو تائين نرمي تي راضپو ظاھر ڪيو آھي، ۽ لبنان سميت تمام محاذن تي ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڳالھين تي زور ڏنو آھي.