ايران اسرائيل سان تعلق وڌائڻ تي متحدھ عرب امارات کي خبردار ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

ايران اسرائيل سان تعلق وڌائڻ تي متحدھ عرب امارات کي خبردار ڪري ڇڏيو.

قطري ميڊيا مطابق اسراني سپريم ڪورٽ جي ملٽري سيڪريٽري محسن رضائي متحدھ عرب امارات کي اسرائيل سان تعلق وڌيڪ گھرا ڪرڻ جي حوالي سان خبردار ڪندي چيو آھي تہ تھران ابوظھبي سان دوستي جا دروازا بند نہ ڪيا پر انھن کي پتو ھئڻ گھرجي تہ ايران جي صبر جي حد آھي.

محسن رضائي چيو تہ ايران متحدھ عرب امرات ۽ اسرائيل وچ ۾ تعلقات کان آگاھ آھي، ان کي اسرائيل جي سازشن ۾ نہ الجھڻ گھرجي.

رپورٽس مطابق اسرائيل ۽ آمريڪا جي ايران جي خلاف جنگ دوران يو اي اِي ايران جي شديد حملن جي زد ۾ رھيو، جڏھن تہ تازي اشاري مان اھو بہ اطلاع ملي ٿو تہ يو اي اِي ممڪنہ طور تي جوابي ڪارروايون بہ ڪيون.

ان کان اڳ ايراني پرڏيھي وزير عباس عراقچي متحدھ عرب امارات کي ايران مخالف ڪارروائين ۾ سڌي ريت ملوث قرار ڏنو ھو.

ايراني پرڏيھي وزير برڪس کي خطاب ڪندي چيو تہ يڪجھتي جي خاطر متحدھ عرب امارات جو نالو نہ ورتو، جڏھن ايران تي حملا شروع ٿيا تہ عرب امارات مذمت بہ نہ ڪئي، ايران بابت متحدھ عرب امارات پنھنجي پاليسي تي نظرثاني ڪري.

ياد رھي تہ ڪجھ ڏينھن اڳ اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ھو تہ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو ايران جنگ دوران متحدھ عرب امارات جو ڳجھو دورو ڪيو ۽ اماراتي صدر سان ملاقات ڪئي جڏھن تہ يو اي اِي ايران جنگ دوران اسرائيلي وزيراعظم جي امارات جي دوري جي ترديد ڪئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں