پروجيڪٽ فريڊيم کي روڪڻ جو سبب پاڪستان ھو، مارڪو روبيو
آمريڪي پرڏيھي وزير مارڪو روبيو چيو آھي تہ پروجيڪٽ فريڊم کي روڪڻ جو سبب پاڪستان جي درخواست ھئي.
پنھنجي بيان ۾ مارڪو روبيو چيو تہ پاڪستانين چيو جيڪڏھن اوھان پروجيڪٽ فريڊم روڪي ڇڏيو تہ، اسان جي خيال ۾ اسان ڪنھن معاھدي تائين پھچي سگھون ٿا.
آمريڪي پرڏيھي وزير جو چوڻ ھو تہ اسان سفارتڪاري کي موقعو ڏيڻ لاءِ پروجيڪٽ فريڊم روڪڻ تي اتفاق ڪري ورتو. صدر ٽرمپ سفارتڪاري کي ترجيح ڏيندو آھي.