سلھٽ: پاڪستان جي خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش جي پھرين اننگز ۾ بيٽنگ جاري آھي ۽ ميزبان ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي 126 رنز ٺاھي ورتا آھن.
پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن جي وچ ۾ ٻيو ٽيسٽ ميچ سلھٽ ۾ کيڏيو پيو وڃي، قومي ٽيم جي ڪپتان شان مسعود ٽاس کٽي بنگلا ديش کي پھريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.
بنگلاديش طرفان اننگز جو آغا محمود الحسن جوئي ۽ تنزيد حسن ڪيو پر اننگز جي آغاز ۾ ئي بنگلا ديش جو اوپننگ بيٽر محمود الحسن پھرين اوور جي ٻي بال تي پاڪستاني بالر محمد عباس جو شڪار ٿي ويو.
تنزيد حسن 26، نجم الحسن شنٽو 29، مومن الحق 22 ۽ مشفيق الرحيم 23 رنز ٺاھي آئوٽ ٿيا. پاڪستان طرفان محمد عباس ۽ خرم شھزاد 3-3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
ٻي ٽيسٽ جي لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون آھن، امام الحق، شاھين آفريدي ۽ نعمان علي جي جڳھ بابر اعظم، خرم شھزاد ۽ ساجد خان کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آھي.
واضح رھي تہ بنگلا ديش پاڪستان کي پھريان ٽيسٽ ميچ ۾ 104 رنز تان شڪست ڏني ھئي.
ٻي ٽيسٽ ميچز جي سيريز ۾ بنگلا ديش کي ھڪ ٻڙي سان برتري حاصل آھي.