پاڪستان دنيا جي ٻي وڏي ڪيپيٽل مارڪيٽ تائين رسائي حاصل ڪري ورتي: ناڻي وارو وزير

فہرستِ مضامین

ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آھي تہ پاڪستان دنيا جي ٻي وڏي ڪيپيٽل مارڪيٽ تائين رسائي حاصل ڪري ورتي آھي.

چيني ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ھن چيو آھي تہ پانڊا بانڊ جاري ٿيڻ پاڪستان ۽ چين جي مالياتي تعاون جو نئون باب آھي، پاڪستان کي پھريون ڀيرو چين جي مقامي سيڙپڪار مارڪيٽ تائين رسائي حاصل ٿي آھي.

محمد اورنگزيب جو چوڻ آھي تہ پانڊا بانڊ جو جاري ٿيڻ پاڪستان جي معاشي ساک تي عالمي اعتماد جو مظھر آھي، جنھن سان پاڪستان ۽ چين جا مالياتي رابطا مضبوط ٿيندا.

ھن چيو تہ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپار جو چوٿون حصو آر ايم بي ۽ يو آن ۾ ٿي رھيو آھي، پانڊا بانڊ جو جاري ٿيڻ آر ايم بي جي عالمي سطح تي پذيرائي ۾ بہ معاون ثابت ٿيندو.

محمد اورنگزيب جو چوڻ آھي تہ سي پيڪ فيز ٽو ۾ ڪاروباري تعاون ۽ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، پاڪستان ۽ چين جي اقتصادي ترجيحون ھڪٻئي سان مڪمل ھم آھنگ آھن.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو تہ حڪومت معاشي سڌارا، مالياتي نظم ۽ ضبط ۽ سيڙپڪاري کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ پر عزم آھي، ٽيڪس، توانائي ۽ سرڪاري ادارن ۾ سڌارن سان سيڙپڪارن جو اعتماد وڌي رھيو آھي.

ناڻي واري وزير جو اھو بہ چوڻ آھي تہ موجودھ علائقائي صورتحال جي باوجود پاڪستان معاشي استحڪام برقرار رکيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں