آءِ ايم ايف جا پيٽروليم، گيس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ اضافي سميت 11 نوان شرط

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان تي گيس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ، نيب جي مودمختياري ۽ شفافيت ۾ اضافي سميت 11 شرط لاڳو ڪري ڇڏيا.

آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال جي لاءِ ايف بي آر جو ٽيڪس ھدف 15 ھزار 267 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز بہ ڏني آھي جنھن تحت ايندڙ مالي سال 430 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس لڳائڻ جو بہ امڪان آھي جن مان 215 ارب رپين جا نوان ٽيڪس ۽ 115 ارب رپين جي ٽيڪس انفورسمنٽ جي ذريعي جمع ڪيا ويندا.

ٻئي طرف ايندڙ مالي سال پيٽروليم ليوي جي مد ۾ عوام کان 1727 ارب رپيا وصول ڪرڻ جو امڪان آھي.

آءِ ايم ايف جا نوان شرط (اسٽرڪچرل بينچ مارڪ) ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ جي پارليامينٽ مان منظوري، بدعنواني جي خاتمي ۽ سرڪاري خريدارين جي ريم ورڪ جي مضبوطي، ٽيڪس روينيو انتظاميہ ۾ بھتري،  پاڪستان جي غير مشروط ڪيش ٽرانسفر پروگرام (ڪفالت پروگرام) جي سلسلي کي برقرار رکڻ، ڪرنسي ايڪسچينج جي ترتيبوار خودمختياري لاءِ روڊ ميپ جي تياري ۽ ريگيوليٽري شفافيت ۾ اضافي جا اھم شرط بہ شامل آھن.

عالمي مالياتي اداري جي نون شرطن ۾ پيپرا رولز ۾ ترميم، نيب جي خودمختياري ۽ شفافيت ۾ اضافو ڪرڻ، توانائي جي شعبي ۾ گيس ۽ بجلي جي سالياڻي ۽ ششماھي اضافي جي نوٽيفڪيشن، خصوصي اڪنامڪ زونز جي 2035 تائين مراعتن جو مڪمل خاتمو ۽ وفاقي حڪومت ۽ اسلام آباد لاءِ ڪاروبار جي ريگيوليشن لاءِ پاڪستان ريگيوليٽري رجسٽري جو قيام بہ شامل آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں