انڊيا–پاڪستان رابطن تي نئون بحث: سخت بيانن جي وچ ۾ ڳالهين جا اشارا ۽ “بئڪ چينل” سفارتڪاري

فہرستِ مضامین

دهلي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)

انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان جاري سياسي ڇڪتاڻ باوجود تازو ٻنهي طرفن کان  ڪجهه اهم بيانن ۽ غير رسمي سفارتي سرگرمين سبب ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن بابت نئين بحث شروع ٿي وئي آهي۔ مبصرن موجب اهي اشارا ظاهر ڪن ٿا ته سخت بيان بازي باوجود “ڳالهين جا دروازا مڪمل طور بند نه ٿيا آهن”۔

“ڳالهين جا دروازا کليل رکڻ جو اشارو”

تجزئي نگار مائيڪل ڪوگلمين جو چوڻ آهي ته انڊيا پاران ڏنل بيانن جو مطلب اهو آهي ته جڏھن به ڳالهين جي ضرورت محسوس ٿيندي، ان لاءِ گنجائش موجود رھندي۔

هو چوي ٿو ته آر ايس ايس جي اڳواڻ جو موقف صرف ايترو آهي ته پاڪستان سان ڳالهين جا دروازا بند نه ٿيڻ گهرجن، ۽ اڳوڻي آرمي چيف جو بيان به ساڳئي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو۔

ڪگلمين موجب سڀ کان اهم اشارو اهو آهي ته اڳوڻا انڊين ۽ پاڪستاني سفارتڪار ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسر غير رسمي رابطن ۾ شامل رهيا آهن، جنهن مان لڳي ٿو ته انڊيا جي اسٽيبلشمينٽ مڪمل طور ڳالهين جي آپشن کي رد نٿي ڪري۔

بهرحال هو واضح ڪري ٿو ته انهن اشارن کي سڌي طرح باضابطه ڳالهين جي شروعات طور نٿو ڏسي سگهجي، بلڪه اهو صرف اهو ڏيکاري ٿو ته “ڊائلاگ جو آپشن زنده آهي”۔

انڊيا اندر نئون غور فڪر

تجزئي نگار محمد فيصل موجب آر ايس ايس جي قيادت جو بيان اهم آهي، پر پاڪستان کي انڊيا جي سياست ۾ هڪ “اندروني سياسي مسئلو” طور ڏٺو وڃي ٿو، جنهن سبب ڪنهن به سفارتي عمل کي اڳتي وڌائڻ ڏکيو بڻجي ٿو۔

هو چوي ٿو ته موجوده بيانن مان اهو ضرور ظاهر ٿئي ٿو ته انڊيا اندر پاڪستان بابت پاليسي تي ٻيهر سوچ جاري آهي۔

پاڪستان جو موقف

پاڪستاني تجزين موجب پاڪستان هميشه ڳالهين لاءِ تيار رهيو آهي، ڇاڪاڻ⁠ تہ ان لاءِ انڊيا ڪو اندروني سياسي مسئلو ناهي۔ پاڪستان جي پرڏيهي کاتي پڻ انڊيا اندر ڳالهين جي حمايت ڪندڙ آوازن کي “مثبت پيش رفت” قرار ڏنو آهي۔

پر ساڳئي وقت پاڪستاني موقف اهو به آهي ته ڪنهن به پائيدار ڳالهه ٻولهه لاءِ انڊيا جي اعليٰ قيادت خاص طور تي مودي حڪومت، قومي سلامتي صلاحڪار ۽ پرڏيهي وزيرجو سياسي فيصلو انتهائي اهم آهي۔

ٽريڪ ٽو سفارتڪاري ۽ بئڪ چينل رابطا

رپورٽن موجب گذريل مهينن دوران انڊيا ۽ پاڪستان جي اڳوڻن فوجي آفيسرن ۽ سفارتڪارن وچ ۾ قطر سميت ٻاهرين ملڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه غير رسمي ملاقاتون ٿيون، جن کي “ٽريڪ ٽو ڊپلوميسي” چيو وڃي ٿو۔

اهڙيون ملاقاتون عام طور تي رٽائرڊ آفيسر،  غير سرڪاري سفارتڪار ۽ ماهر تجزئي نگارن جي ذريعي ٿينديون آهن، جن جو مقصد اعتماد جي بحالي ۽ غير رسمي خيالن جي ڏي وٺ هوندو آهي۔

اڳوڻي آرمي چيف جو اهم بيان

انڊيا جي اڳوڻي آرمي چيف منوج نرواڻ پڻ آر ايس ايس اڳواڻ جي ڳالهه جي حمايت ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا عوامي سطح تي رابطا انتهائي اهم آهن۔

هن جو چوڻ هو ته عام ماڻهن جا مسئلا ساڳيا آهن (اٽو ,لٽو ,اجهو) سياست کان هٽي ڪري عوامي لاڳاپا بهتر ٿيڻ گهرجن ٽريڪ ٽو يا اسپورٽس ذريعي رابطا فائديمند ٿي سگهن.

انڊين سول سوسائٽي جا ڪجهه حلقا به انهن بيانن کي مثبت تبديلي قرار ڏئي رهيا آهن۔ انهن جو خيال آهي ته پاڙيسري ملڪن کي دشمن بدران ڀائيوار طور ڏسڻ گهرجي، خاص طور تي موجوده عالمي حالتن ۾۔

ڇا سول سوسائٽي ڳالهين جي قيادت ڪري سگهي ٿي؟

ماهرن جي اڪثريت موجب سول سوسائٽي، ٽريڪ ٽو ۽ بئڪ چينل رابطا صرف مددگار ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، پر اصل ڳالهه ٻولهه تڏهن ممڪن آهي جڏهن ٻنهي ملڪن جون سياسي حڪومتون واضح ۽ مضبوط فيصلو ڪن۔

مجموعي طور صورتحال مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته انڊيا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ سخت بيان بازي باوجود غير رسمي رابطا جاري آهن. سفارتي آپشن مڪمل طور بند نه ٿيو آهي ۽ ٻنهي طرفن ۾ محتاط انداز ۾ نئين سوچ جنم وٺي رھي آهي.

بهرحال، حقيقي اڳڀرائي لاءِ سياسي اعتماد ۽ حڪومتي ارادي جي ضرورت اڃا به بنيادي شرط آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں