اسلام آباد (بيوروچيف)
پي ٽي آء ايم اين اي اقبال آفريدي سان لاڳاپيل هڪ معاملي بعد پاڪستان ۾ “بلو پاسپورٽ” جي غلط استعمال بابت وڏو تڪرار سامهون آيو آهي۔ پاڪستان جي گهرو وزارت ان معاملي جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل جي سربراهي ۾ هڪ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، جيڪا انهن ماڻهن جا تفصيل گڏ ڪندي جيڪي سرڪاري مقصد لاءِ جاري ڪيل بلو پاسپورٽ تي ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي ذاتي يا غير قانوني مقصدن لاءِ استعمال ڪري رھيا آهن۔
بلو پاسپورٽ ڇا آهي؟
پاڪستان ۾ مختلف قسمن جا پاسپورٽ جاري ڪيا ويندا آهن، جن مان “بلو پاسپورٽ” سرڪاري پاسپورٽ سڏبو آهي۔ هي پاسپورٽ عام طور تي انهن ماڻهن کي جاري ڪيو ويندو آهي جيڪي سرڪاري ذميوارين يا رياستي ڪم لاءِ ٻاهرين ملڪن ڏانهن سفر ڪن ٿا۔
بلو پاسپورٽ هيٺين ماڻهن کي جاري ٿي سگهي ٿو:
پارليامينٽ جا ميمبر، سرڪاري آفيسر، سفارتي يا حڪومتي وفد جا ميمبر، ڪجهه حالتن ۾ انهن جي خاندان جا فرد.
هي پاسپورٽ ذاتي لڏپلاڻ ، پناهه يا مستقل رھائش حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي، ڇوتہ اهو پاڪستاني رياست جي نمائندگي سان ڳنڍيل هوندو آهي۔
اٽلي ۾ سياسي پناهه وارو معاملو:
سينيٽ جي گهرو معاملن بابت قائمہ ڪميٽي جي اجلاس دوران ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو ته اقبال آفريدي جي پٽ اٽلي وڃي پنهنجو بلو پاسپورٽ سرينڊر ڪري سياسي پناهه لاءِ درخواست ڏني۔ ان معاملي کي پاڪستان جي ساک لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو ويو۔
طلال چوڌري چيو ته حڪومت ان واقعي جي مڪمل جاچ ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ تہ ڪنهن به پارليامينٽ ميمبر يا سندس خاندان پاران اهڙو عمل عالمي سطح تي پاڪستان جي بدنامي جو سبب بڻجي سگهي ٿو۔
حڪومت ڇو پريشان آهي؟
گهرو وزارت موجب ڪجهه ملڪن پاڪستاني سفارتخانن سان رابطو ڪري اهڙن واقعن بابت شڪايتون پڻ ڪيون آهن۔ پاڪستاني اختيارين جو چوڻ آهي ته جيڪڏھن سرڪاري پاسپورٽ تي ماڻهو ٻاهر وڃي سياسي پناهه وٺڻ شروع ڪندا ته ان سان پاڪستاني سرڪاري دستاويزن جي ساک متاثر ٿيندي۔
ذريعن موجب وزيراعظم پڻ بلو پاسپورٽ جي غلط استعمال تي ناراضگي ظاهر ڪئي آهي ۽ سخت جاچ جون هدايتون ڏنيون آهن۔
جاچ ڪيئن ٿيندي:
انڪوائري ڪميٽي بلو پاسپورٽ هولڊرن جا رڪارڊ گڏ ڪندي انهن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪندي جيڪي سرڪاري فرضن بدران ذاتي مقصدن لاءِ ٻاهر رھيا، وزارت داخله کي سفارشون پيش ڪندي، گهرو وزارت جي هڪ اهلڪار موجب جيڪڏھن ڪنهن رڪن پارليامينٽ کي جاچ لاءِ طلب ڪيو ويو ته ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر يا سينيٽ چيئرمين کان اجازت ورتي ويندي۔
سياسي ۽ سفارتي اثر
سياسي مبصرن موجب هي معاملو صرف هڪ شخص تائين محدود ناهي، پر پاڪستان جي سفارتي ساک، پاسپورٽ نظام ۽ سياسي اشرافيه جي احتساب سان پڻ ڳنڍيل آهي۔ جيڪڏهن جاچ ۾ وڌيڪ نالا سامهون اچن ٿا ته اهو معاملو سياسي طور وڌيڪ حساس ٿي سگهي ٿو۔
اقبال آفريدي جو موقف: “منهنجو پٽ دٻاءُ سبب سياسي پناهه وٺڻ تي مجبور ٿيو”
اقبال آفريدي اٽلي ۾ سياسي پناهه واري معاملي تي پنهنجو موقف پيش ڪندي چيو آهي ته سندس پٽ کي مبينا طور رياستي ادارن طرفان بنا جواز تنگ ڪيو پئي ويو، جنهن سبب هن کي ملڪ کان ٻاهر وڃي سياسي پناهه وٺڻ تي مجبور ٿيڻو پيو۔
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اقبال آفريدي چيو ته سندس پٽ سندس سوشل ميڊيا ٽيم جو سربراهه هو ۽ سياسي سرگرمين سبب دٻاءُ جو شڪار رھيو۔ هن دعويٰ ڪئي ته جيڪڏھن وفاقي ادارا نوجوانن سان اهڙو رويو جاري رکندا ته پوءِ ڪيترن ئي ماڻهن وٽ ٻاهرين ملڪن ۾ پناهه وٺڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه بچندو۔
ٻئي طرف فواد چوڌري پڻ ان معاملي تي ردعمل ڏيندي چيو ته بلو پاسپورٽ پارليامينٽ ميمبرن جي ٻارن کي جاري نه ٿيڻ گهرجي۔ سندس چوڻ هو ته جيڪڏھن اهو سلسلو جاري رھيو ته پوءِ ملڪ ۾ “نئون پاسپورٽ ڪلب” ٺهي ويندو، جنهن سان عام پاڪستاني پاسپورٽ جي حيثيت ۽ اهميت متاثر ٿيندي۔
فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته سرڪاري ۽ سفارتي نوعيت وارا پاسپورٽ صرف انهن ماڻهن تائين محدود هجڻ گهرجن جيڪي واقعي سرڪاري ذميواريون نڀائي رهيا هجن، ٻي صورت ۾ ان جو غلط استعمال پاڪستان لاءِ سفارتي مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو۔
هي معاملو سامهون اچڻ بعد پاڪستان ۾ بلو پاسپورٽ جي پاليسي، ان جي قانوني حيثيت ۽ ان جي استعمال بابت نئون بحث شروع ٿي ويو آهي، جڏھن تہ حڪومت ان سلسلي ۾ سخت جاچ جو اعلان ڪري چڪي آهي۔
جڏھن اهو بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو ته طلال چوڌري کانسواءِ ڪنهن به سينيٽر ان جي مخالفت نه ڪئي۔ طلال چوڌري ايوان کي ٻڌايو ته بلو پاسپورٽ جي غلط استعمال سبب پاڪستان جي پاسپورٽ ريٽنگ ۽ عالمي ساک متاثر ٿئي ٿي، جنهن جا منفي اثر سڄي ملڪ تي پون ٿا۔
هن چيو ته جيڪڏهن سرڪاري نوعيت وارا پاسپورٽ ذاتي مقصدن يا سياسي پناهه لاءِ استعمال ٿيندا رھيا ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پاڪستان بابت شڪ ۽ خدشا وڌندا، جنهن سان عام پاڪستاني شهرين کي به سفر دوران مسئلا پيش اچي سگهن ٿا۔
جڏھن ڪنهن به سينيٽر طرفان بل تي اعتراض نه ڪيو ويو ته سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني طلال چوڌري کي مخاطب ٿيندي چيو ته بهتر ٿيندو ته بل کي لاڳاپيل قائمہ ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏھن ايوان ۾ ووٽنگ ڪرائي وئي ته حڪومت کي شڪست ٿي سگهي ٿي۔
چيئرمين سينيٽ جي ان تجويز بعد بل کي وڌيڪ غور ويچار لاءِ قائمہ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو، جتي ان جي مختلف قانوني ۽ انتظامي پهلوئن جو جائزو ورتو ويندو۔