واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ)
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان جنگ ڪرڻ جو فيصلو هن پنهنجي خواهش تي نه پر پاڪستان سميت ڪجهه ملڪن جي درخواست تي ڪيو ۽ اهو پاڪستان لاءِ هڪ “فيور” طور قبول ڪيو ويو. چين جي دوري تان واپسي دوران ايئرفورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته جيڪڏھن ايران پنهنجو جوهري پروگرام ويهن سالن لاءِ معطل ڪري ڇڏي ته اهو آمريڪا لاءِ قابلِ قبول ۽ مثبت قدم هوندو.
ٽرمپ چيو ته ايران بابت آمريڪي پاليسي جو بنيادي مقصد خطي ۾ ايٽمي ڇڪتاڻ کي روڪڻ آهي. سندس چوڻ هو ته واشنگٽن نٿو چاهي ته وچ اوڀر هڪ وڏي جنگ ڏانهن وڌي، تنهنڪري سفارتي رستا کليل رکڻ ضروري آهن. هن چيو ته جنگبندي جو فيصلو آسان نه هو، ڇاڪاڻ تہ آمريڪي انتظاميا اندر به مختلف رايا موجود هئا، پر پاڪستان سميت ڪجهه دوست ملڪن جي مسلسل رابطن ۽ ڪوششن سبب آمريڪا نرم موقف اختيار ڪيو.
آمريڪي صدر پاڪستاني قيادت جي تعريف ڪندي چيو ته “هو شاندار ماڻهو آهن” ۽ هنن علائقائي امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ٽرمپ جا اهي بيان ان وقت سامهون آيا آهن جڏھن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جوهري پروگرام، پابندين ۽ علائقائي اثر رسوخ بابت ڇڪتاڻ جاري آهي.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايران واقعي پنهنجي جوھري سرگرمين کي ڊگهي عرصي لاءِ محدود ڪري ڇڏي ته ان سان نه رڳو آمريڪا ۽ ايران جي لاڳاپن ۾ بهتري اچي سگهي ٿي، پر سڄي وچ اوڀر ۾ استحڪام پيدا ٿيڻ جا امڪان پڻ وڌي سگهن ٿا. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن تهران پنهنجي ايٽمي پروگرام تي اڳتي وڌندو رھيو ته آمريڪا “ٻيا آپشن” به استعمال ڪري سگهي ٿو.
سياسي مبصرن موجب ٽرمپ جو پاڪستان بابت مثبت بيان اهم سفارتي اشارو سمجهيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ گذريل ڪجهه سالن دوران پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ڪيترن ئي مرحلن مان گذريا آهن هاڻي ٽرمپ جي هن بيان بعد اهو تاثر وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ ثالثي ۽ سفارتي رابطن جي حوالي سان ٻيهر اهميت حاصل ڪري رھيو آهي۔
ٻئي طرف ايران طرفان ٽرمپ جي بيان تي فوري طور ڪو سرڪاري ردعمل سامهون نه آيو آهي، پر عالمي سفارتي حلقا هن بيان کي آمريڪا جي ايران پاليسي ۾ امڪاني نرمي جي علامت طور ڏسي رھيا آهن۔