نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ وڏي پئماني تي تبديلي جو امڪان

فہرستِ مضامین

قومي ڪرڪيٽرز جي سينٽرل ڪانٽريڪٽس جو فنانشل ماڊل 30 جون تي ختم ٿي ويندو جڏھن تہ نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽس جو مدو پھرين جولاءِ کان شروع ٿيندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين محسن نقوي فنانشل ماڊل جي حوالي سان فيصلو ڪندو، نئين سال جي ڪانٽريڪٽس ۾ وڏي پئماني تي تبديلي جو امڪان آھي.

پي سي بي جي اڳوڻي چيئرمين ذڪاءَ اشرف جي دور ۾ 2023ع ۾ ٽن سالن لاءِ فنانشل ماڊل متعارف ڪرايو ويو ھو جنھن کي موجودھ چيئرمين محسن نقوي جي دور ۾ تبديل نہ ڪيو ويو پر فٽنس ۽ پرفارمنس جي بنياد تي رانديگرن جي ڪيٽيگري ۾ ھير ڦير ڪئي ويندي رھي.

ھاڻ پھرين جولاءِ کان نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽس جو مدو شروع ٿيندو، ان سلسلي ۾ نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽس جي نالن جي حوالي سان ابتدائي ڳالھ ٻولھ جاري آھي.

گذريل سال 30 ڪرڪيٽرز کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو ھو، پھريون ڀيرو اي ڪيٽيگري ۾ ڪو بہ ڪرڪيٽر شامل نہ ھو.

ذريعن جو چوڻ آھي تہ نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ وڏي پئاني تي ھير ڦير ٿيندي، سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ موجود ڪيترن ئي ڪرڪيٽرز جي ڪيٽيگريز ۾ گھٽتائي ۽ ترقي ٿيندي.

محمد نواز، عبداللھ شفيق، فھيم اشرف، حسين طلعت ۽ خوشدل شاھ جي شموليت جو امڪان گھٽ آھي جڏھن تہ اذان اويس ۽ عبداللھ فضل سميت ڊوميسٽڪ پرفارمرز جي شموليت جو امڪان ظاھر ڪيو ويو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں