ڊونلڊ ٽرمپ چيني صدر سان ملاقاتن ۽ ڳالھين کي بھتر قرار ڏئي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

بيجنگ : (انٽرنيشنل مانيٽرنگ ڊيسڪ)

آمريڪي صدر Donald Trump پنهنجي چين جي دوري جي پهرين ڏينهن تي چيني صدر Xi Jinping سان ٿيل ملاقاتن ۽ ڳالهين کي “تمام بهترين” قرار ڏنو آهي۔ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ واپار، ٽيڪنالاجي، عالمي سيڪيورٽي ۽ ايشيا ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سميت ڪيترن ئي اهم معاملن تي ڳالهيون ٿيون۔

پر صحافين جڏھن آمريڪي صدر کان تائيوان بابت ٽي ڀيرا سوال پڇيا ته هن سڌو جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو۔ صحافين پڇيو ته ڇا آمريڪا تائيوان جي حمايت جاري رکندو؟ ڇا چين سان تائيوان بابت ڪو خاص معاهدو ٿيو آهي؟ ۽ ڇا آمريڪا پنهنجي پراڻي پاليسي تي قائم آهي؟ پر ٽرمپ هر ڀيري سوال کي ٽاري ڇڏيو ۽ رڳو ايترو چيو ته “ڳالهيون تمام سٺيون رھيون آهن”۔

سياسي مبصرن موجب ٽرمپ جي خاموشي اهم سمجهي پئي وڃي، ڇاڪاڻ⁠تہ تائيوان جو معاملو چين ۽ آمريڪا وچ ۾ سڀ کان حساس تڪرارن مان هڪ آهي۔ چين تائيوان کي پنهنجي علائقي جو حصو سمجهي ٿو، جڏھن⁠تہ آمريڪا ڊگهي عرصي کان تائيوان کي فوجي ۽ سفارتي سهڪار ڏيندو رھيو آهي۔

تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته ٽرمپ شايد چين سان واپاري ۽ سفارتي لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ تائيوان واري معاملي تي محتاط رويو اختيار ڪري رھيو آهي، جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ کي گهٽائي سگهجي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں