اداڪاره ميرا پاران برطانيا ۾ داخل ٿيڻ تي لڳايل پابندي ختم ڪرڻ جي اپيل، اميگريشن وارن انگريزي ۾ سوال پڇيا سمجھي نھ سگھيس

فہرستِ مضامین

پاڪستاني اداڪاره ميرا برطانوي حڪومت ۽ پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر کي اپيل ڪئي آهي ته سندس برطانيه ۾ داخل ٿيڻ تي لڳايل پابندي ختم ڪئي وڃي.

اداڪاره ميرا پنهنجي وڊيو پيغام ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر کي اپيل ڪئي آهي ته هو سندس درخواست تي غور ڪري، ميرا چيو تھ مون سمورا گهربل دستاويز پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪميشن ۽ لنڊن ۾ به جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

پابندي ڇو لڳي؟ اداڪاره جو موقف

اداڪاره ميرا چيو ته سندس ڪيس غلط فهمي ۽ ڳالهه کي نه سمجهڻ جي ڪري خراب ٿيو آهي، غلط فهمي جي بنياد تي برطانيه ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي.ميرا جو چوڻ آهي ته سندس ڪٽنب برطانيه ۾ رهي ٿو، هڪ ڀيڻ ڪينسر جي مريض آهي، جنهن جي سار سنڀال ڪرڻ لاءِ کيس وڃڻو آهي، ان ڪري درخواست تي غور ڪري ويزا جاري ڪئي وڃي.اداڪاره جي امڙ جو چوڻ آھي تھ غلط انگريزي ڳالهائڻ سبب غلط فھمي پيدا ٿيڻ جي ڪري ميرا جي برطانيه ۾ داخل ٿيڻ تي 10 سال پابندي لڳائي وئي هئي، جنھن جو مدو ھاڻي پورو ٿي چڪو آھي.

ميرا جي والدھ شفقت زھرھ بخاري جو چوڻ آھي تھ 10 سال اڳ جڏھن ميرا برطانيا آئي ھئي تھ ھن اميگريشن اختيارين سان ڳالھھ ٻولھھ دوران غلط انگريزي ڳالھائي ھئي، ھن چيو تھ ميرا جي انگريزي ھاڻي بھتر ٿي وئي آھي. ھن ٻڌايو تھ سندس ڌيءَ اميگريشن اختيارين سان ڳالھھ ٻولھھ دوران کين پنھنجو نالو بھ درست نھ ٻڌايو ھو.

ميرا اميگريشن اختيارين جي انگريزي ۾ پڇيل سوالن کي سمجھي نھ سگھي ھئي. ھن ٽرانزٽ لفظ کي ٽرانزيڪشن لفظ ڳالھايو ۽ اھڙيون غلطيون بار بار ورجائيندي رھي، جنھن ڪري سندس برطانيا ۾ داخلا تي پابندي لڳائي وئي. ھن چيو تھ لنڊن ۾ ڪيترائي ماڻھو منھنجي ڌيءَ سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاھين ٿا، ان ڪري برطانوي اختيارين کي درخواست ڪيان ٿي تھ منھنجي ڌيءَ کي ويزا جاري ڪيو.

ھڪ سوال جي جواب ۾ ميرا جي والدھ چيو تھ منھنجي ڌيءَ کي خبرن ۽ ميڊيا ۾ رھڻ جو فن اچي ٿو ۽ ھوءَ ڪڏھن ڪڏھن غلط انگريزي بھ ڳالھائي سگھي ٿي. ميرا جي والدھ ٻڌايو تھ ھوءَ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪري چڪي آھي، سندس خاندان جو تعلق شوبز سان نھ آھي پر ميرا کي ننڍپڻ کان ئي اداڪاري جو شوق ھو، ھوءَ پنھنجي شوق ۾ نھ رڳو ڪامياب ٿي پر ھن شھرت بھ ماڻي. ھن ٻڌايو تھ سندن تعلق پنجاب جي شھر شيخوپورھ سان آھي پر ميرا جي شوبز ۾ اچڻ سبب ھو شيخوپورھ کان لاھور منتقل ٿي ويا.

اداڪارا ميرا جي ڀڳل ٽٽل انگريزي سوشل ميڊيا تي سدائين دلچسپ تبصرن جو موضوع بڻيل رھي آھي. ميرا جي انگريزي تي سوشل ميڊيا تي دلچسپ ميمز بھ ٺھي چڪيون آھن.  اداڪارا ميرا واقعي بھ ميڊيا ۽ خبرن ۾ رھڻ جو ھنر چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿي، ھوءَ ايڪس (اڳوڻي ٽويٽر) تي بھ سرگرم رھي آھي ۽ پنھنجي انگريزي تي تنقيد ڪندڙن کي پنھنجي پر ۾ منھن ٽوڙ جواب بھ ڏيندي رھي آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں