اسلام آباد: آمريڪا پاڪستان کي 450 کان وڌيڪ تاريخي ۽ ثقافتي نواردات واپس ڪري ڇڏيا.
آمريڪي سفارتخاني طرفان پاڪستان کي واپس ڪيل قيمتي نوادرات جي نمائش اسلام آباد ۾ ٿي، ٻہ طرفہ معاھدي تحت آمريڪا پاڪستان کي ھينئر تائين 23 ملين ڊالر ماليت جا 450 نوادرات واپس ڪري چڪو آھي.
ليگيسي ريٽرنز ھوم جي عوان سان منعقد نمائش کي خطاب ڪندي آمريڪي نمائندي ايس پال جو چوڻ ھو تہ گيلري ۾ رکيل ھر مجسمو پنھنجي اندر ھڪ منفرد تاريخ ۽ ثقافت رکي ٿو.
آمريڪي معاون پرڏيھي وزير ايس پال ڪپور چيو تہ گذريل 10 سالن ۾ پاڪستان جا 514 نوادرات برآمد ڪري واپس ڪيا ويا آھن، انھن نوادرات جي ماليت لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ 30 لک ڊالر آھي.
تقريب کي خطاب ۾ ثقافت واري وزير اورنگ زيب ڪھچي جو چوڻ ھو تہ پاڪستان مان چوري ٿيل نوادرات جو آمريڪا مان واپس اچڻ، آمريڪي حڪومت ۽ پاڪستاني پرڏيھي وزارت جي عملدارن جو ھڪ ساراھ جو ڪارنامو آھي.