وفاقي حڪومت جا مارچ 2026 تائين جي قرض جا تفصيل سامھون اچي ويا.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مطابق حڪومت جو قرض 80 ھزار 524 ارب رپيا يعني 288.52 ارب ڊآلرز ٿي ويو آھي.
اسٽيٽ بئنڪ ٻڌايو آھي تہ ھلندڙ مالي سال حڪومت جو مجموعي قرض 2 ھزار 636 ارب رپيا وڌيو آھي.
اسٽيٽ بئنڪ مطابق مالي سال جي سيپٽمبر تائين حڪومت ھڪ ھزار 283 ارب رپين جو قرض واپس موٽايو جڏھن تہ مالي سال ۾ سيپٽمبر کان مارچ تائين 3 ھزار 919 ارب رپيا قرض ورتو.
اسٽيٽ بئنڪ ٻڌايو تہ مجموعي قرضن ۾ حڪومت جو مقامي قرض 71 سيڪڙو 57 ھزار 566 ارب رپيا آھي، حڪومت ڇھن مھينن ۾ مقامي طور تي 4 ھزار 142 ارب رپيا قرض ورتو.
اسٽيٽ بئنڪ مطابق مارچ 2026 تائين حڪومت جو بيروني قرض 22 ھزار 959 ارب رپيا رھيو، حڪومت سيپٽمبر کان مارچ تائين پنھنجو بيروني قرض 222 ارب رپيا گھٽ ڪيو.