ايران جنگ: حڪومت جو اھم ملڪن ۾ مقرر سفيرن سان مشاورت جو فيصلو

فہرستِ مضامین

حڪومت آمريڪا ايران جنگ مان پيدا ٿيل خطرن ۽ ان جي اثرن سبب اھم ملڪن ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن سان مشاورت جو فيصلو ڪري ورتو.

ذريعن مطابق پاڪستاني سفيرن جي مِني ڪانفرنس سڀاڻي اسلام آباد ۾ ٿيندي.

وچ اوڀر ۾ مقرر سفيرن کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ گھرايو ويو آھي، خطي جي اھم ملڪن ۾ مقرر سفير بہ شريڪ ٿيندا.

ذريعن جو چوڻ آھي تہ آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ مقرر پاڪستاني سفير ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندا، سعودي عرب، يو اي اِي، ڪويت، قطر، عمان، اردن مان پاڪستاني سفير شرڪت ڪندا. ڪانفرنس جون سفارشون حڪومت کي پيش ڪيون وينديون.

ڪانفرنس جو مقصد ملڪي مفادن جو ڀرپور تحفظ ڪرڻ آھي، پاڪستان جي ثالثي ڪردار جي حوالي سان ايندڙ لائحہ عمل جو جائزو ورتو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں