گيس صارفين کي ڏني ويندڙ 140 ارب جي ڪراس سبسڊي ختم ڪرڻ جو فيصلو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: حڪومت آءِ ايم ايف کي يقين ڏياريو آھي تہ جنوري 2027ع تائين گيس صارفين کي ڏني ويندڙ 140 ارب رپين جي ڪراس سبسڊي ختم ڪئي ويندي.

ان کان پوءِ گيس ۽ بجلي تي ڏنيون ويندڙ رعايتون صارف جي استعمال بدران ان جي آمدني جي بنياد تي ڏنيون وينديون ۽ ان مقصد لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جو ڊيٽا استعمال ڪيو ويندو.

پيٽروليم ڊويزن جي اعليٰ عملدارن مطابق موجودھ نظام ۾ محفوظ (Protected) ۽ ڪيترائي غير محفوظ (Non-Protected) صارفين کي گھٽ اگھن تي گيس فراھم ڪئي ويندي آھي، جڏھن تہ ان رعايت جو بار صنعتن، ڪمرشل صارفين، سي اين جي اسٽيشنز، سيمنٽ سيڪٽر ۽ وڌيڪ گيس استعمال ڪندڙ گھريلو صارفين برداشت ڪندا آھن.

ھاڻ اھو نظام ختم ڪري تمام صارفين کان ھڪجھڙا اگھ وصول ڪيا ويندا، جڏھن تہ صرف گھٽ آمدني وارن گھراڻن کي سڌي ريت مالي مدد ڏني ويندي.

عملدارن جو چوڻ آھي تہ ھن وقت گيس ٽيرف ھڪ ھزار 750  رپيا في MMBtu  آھي،  پر محفوظ صارفين ان کان تمام گھٽ اگھ ادا ڪري رھيا آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں