بچاءَ واري وزير خواجہ آصف جو چوڻ آھي تہ ڪابل حڪومت ڀارت جي پراڪسي بڻيل آھي
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظھار ڪندي ھن چيو تہ ڪابل اسان کي دھشتگردي روڪڻ جو يقين نہ ڏياري رھيو آھي.
خواجہ آصف جو چوڻ آھي تہ ڊگھي عرصي تائين ڪي پي حڪومت جو تعاون نہ ھو جڏھن تہ ھاڻ آھي.
بچاءَ واري وزير چيو تہ قطر، سعودي عرب ۽ ترڪيہ بہ ڳالھين ۾ اسان جو ساٿ ڏنو.