قلات ۾ مسافر بس تي حملي ۾ صابري گروپ جا قوال اجل جو شڪار،دهشتگرد گهات هڻي ويٺل هئا، اسان کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ملي؟

فہرستِ مضامین

ڪراچي: بلوچستان جي علائقي قلات ۾ مسافر بس تي دهشتگردن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل قوال گروپ جي 3 موسيقارن ٽن موسيقارن لاش ڪراچي پهچايا ويا.

سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني لاش ڪراچي ايئرپورٽ تي وصول ڪيا.

ڪراچي جو ناليوارو قوال احمد حسين صابري ۽ سندس پٽ احمد رضا صابري ٻين موسيقارن جي گروپ سان گڏ ڪوئيٽا جي ھڪ شادي پروگرام ۾ پرفارم ڪرڻ لاءِ ڪراچي مان ھڪ بس تي روانا ٿيا ھئا.

دهشتگردن جي حملي جو نشانو بڻيل مسافر بس بيٺل آهي، حملي وقت مسافر گهري ننڊ ۾ هئا، فائرنگ سبب قيامت جا منظر هئا

ڪراچي ڪوئيٽا شاھراھھ تي نيمرغ واري علائقي ۾ تاڙ ۾ ويٺل ھٿياربندن بس تي جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، پوليس موجب ھٿياربندن پھرين بس کي روڪيو ۽ پوءِ انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪئي، جنھن جي نتيجي ۾ احمد حسين صابري، سندس پٽ احمد رضا صابري ۽ گروپ جو گٽارسٽ ملڪ آصف علي مارجي ويا ۽ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ھٿياربند گھات لڳائي ويٺل ھئا

ايس ايس پي قلات شھزاد اڪبر جو چوڻ آھي تھ ھٿياربند روڊ جي ٻنھي پاسي کان گھات لڳائي ويٺل ھئا.

فنڪار ته اوهان جي دل وندرائيندا آهن

قلات حملي ۾ بچي ويل فنڪار نديم صابري پنھنجي وڊيو بيان ۾ چيو تھ قوالي جي ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي مان نڪتا ھئاسين، ڪوئيٽا کان اڌ مني ڪلاڪ جي فاصلي تي ھئاسين تھ اسان جي بس تي حملو ڪيو ويو.

ھن روئندي چيو تھ اسان جو ڏوھھ ڪھڙو ھو جو حملو ڪيو ويو، اسان تھ فنڪار ماڻھو آھيون، اسان تھ توھان جي دل وندرايون ٿا، توھان لاءِ دعائون گھرون ٿا، ھي اسان کي ڪھڙي ڏوھھ جي سزا ملي آھي؟

نديم صابري چيو تھ اسان کي خبر ھجي ھا تھ حملو ٿيندو تھ پنھنجي گھر مان ئي نھ نڪرون ھا، اسان جو تھ اھڙن معاملن سان ڪو تعلق ئي نھ آھي. دھشتگردن جي حملي ۾ ڪراچي سان تعلق رکندڙ حيدر، عمران، منظر، عباس، محمد ثاقب، فيصل، محمد نديم، محمد رضوان، مصور عباس، محمد وارث، فيضان ۽ دلشاد زخمي ٿي پيا، جڏھن تھ ڊرائيور نجيب احمد ۽ بلال احمد بھ زخمي ٿيا.

قوالن تي حملو ان ڏينھن ٿيو، جڏھن آواران ۾ 3 دھشتگرد مارجي ويا

قوالن تي دھشتگردن پاران حملو ان ئي ڏينھن ڪيو ويو، جڏھن آواران ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران فتنھ الھندوستان جا 3 دھشتگرد مارجي ويا، آپريشن جي قيادت ڪندڙ پاڪ فوج جي ميجر سيد رب نواز طارق بھ دھشتگردن سان دليراڻي ويڙھھ ڪندي آپريشن دوران شھادت ماڻي.

حملي آوور ڪير هئا؟ ڪيترا هئا؟

بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاھد رند ٻڌايو تھ ڪراچي مان ايندڙ بس کي نشانو بڻائڻ لاءِ دھشتگرد ڪوئيٽھ ڪراچي شاھراھ جي ٻنھي پاسن کان گھات ھڻي ويٺل ھئا، حملو ڪندڙ دھشتگردن جو انگ معلوم نھ ٿي سگھيو آھي، واقعي ۾ ملوث دھشتگردن کي سوگھو ڪرڻ لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آھي.

فتنتھ الھند جون دھشتگرد تنظيمون

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي مسافر ڪوچ تي حملي کي بزدلاڻي ۽ نفرت جوڳي ڪارروائي قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪئي. ايڪس تي پوسٽ ڪيل پنھنجي بيان ۾ ھن چيو تھ فتنتھ الھند جون دھشتگرد تنظيمون پھرين سڃاڻپ جي بنياد تي حملن جو تاثر ڏينديون رھيون، ھاڻي اھي شھرين کي بھ انڌاڌنڌ نشانو بڻائي رھيون آھن، جنھن مان صاف ظاھر ٿئي ٿو تھ ھيءَ جنگ ھر پاڪستاني جي خلاف آھي ۽ اسان ان کي ھر قيمت تي ناڪام بڻائينداسين.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں