روس جنگ لاءِ پاڪستاني نوجوانن کي مبينہ ڀرتي جو انڪشاف ٿيو آھي، جن کي ھيومن ٽريفڪنگ نيٽ ورڪ جي ذريعي روس کڻي وڃي يوڪرين جي خلاف وڙھڻ تي مجبور ڪيو ويندو آھي.
اطلاعن مطابق پاڪستان ۾ مبينہ طور تي سرگرم ھڪ خطرناڪ ھيومن ٽريفڪنگ نيٽ ورڪ نوجوانن کي روس ۾ پرڪشش ملازمتن جو آسرو ڏئي يوڪرين جي خلاف جنگ ۾ زبردستي شامل ڪندو آھي.
ان حوالي سان ايف آءِ اي اينٽي ھيومن ٽريفڪنگ راولپنڊي سرڪل ۾ باضابطہ درخواست جمع ڪرائي وئي آھي جڏھن تہ معاملي جي تحقيقات بہ شروع ڪئي وئي آھي.
درخواستگذار منصور اختر جمال ايف آءِ اي کي ڏنل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو تہ ھن سان پاڻ اھو واقعو پيش آيو ۽ کيس روس ۾ قانوني ورڪ پرمٽ، محفوظ ملازمت ۽ ماھوار 5 کان 6 لک رپيا پگھار جو لالچ ڏئي “ڪڪ” جي ويزا تي روس موڪليو ويو.
درخواست مطابق ان سموري عمل لاءِ سندس وڏي ڀاءُ محمود اختر جمال جي اڪائونٽ مان لڳ ڀڳ 47 لک 50 ھزار رپيا ايجنٽ ھشام بن طارق کي ايا ڪيا ويا، درخواست ۾ الزام لڳايو ويو آھي تہ ھشام بن طارق نالي شخص ۽ ان جي مبينہ ساٿي نوجوانن کي بھتر مستقبل ۽ ڳري پگھار جو خواب ڏيکاري روس موڪليندا آھن جڏھن تہ اتي پھچڻ بعد صورتحال مڪمل طور تي تبديل ٿي ويندي آھي.
منصور اختر جمال مطابق روس پھچڻ بعد ھن تي دٻاءُ وڌو ويو تہ ھو روسي فوج ۾ شامل ٿي يوڪرين جي خلاف جنگي سرگرمين ۾ حصو وٺي، متاثر نوجوان مطابق ھن خوفزدھ حالت ۾ گھر ڀاتين سان رابطو ڪيو جنھن کانپوءِ گھر وارا شديد ذھني اذيت ۾ مبتلا ٿي ويا.
بعد ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ مختلف ذريعن جي مدد سان کيس وڏي مشڪل سان واپس پاڪستان آندو ويو جڏھن تہ ان سموري عمل ۾ وڌيڪ لکين رپيا خرچ ڪرڻا پيا.
درخواستگذار ايف آءِ اي کي مختلف بئنڪ ٽرانزيڪشنز، آن لائن ادائيگين ۽ مالي رڪارڊ بہ فراھم ڪري ڇڏيا آھن.
درخواستگذار وزيراعظم شھباز شريف ۽ گھرو وزير محسن نقوي کان مطالبو ڪيو آھي تہ انساني اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي تہ جيئن وڌيڪ نوجوانن کي اھڙي خطرناڪ ڄار ۾ ڦاسڻ کان بچائي سگھجي.