فنانس بل 2026-27 ۾ “اسڪروٽني ڪميٽي” قائم ڪرڻ جو فيصلو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد(بيوروچيف)

ايف بي آر جي فضول ڪسادبازاري روڪڻ ۽ ٽيڪس نظام ۾ قانوني سڌارن لاءِ اهم قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

 وفاقي حڪومت فنانس بل 2026-27 ۾ هڪ اهم قانوني تبديلي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت “اسڪروٽني ڪميٽي” قائم ڪئي ويندي، جنهن جو مقصد ايف بي آر پاران داخل ڪيل غير ضروري اپيلن ۽ فضول مقدمن کي روڪڻ آهي۔

رپورٽن موجب اها ڪميٽي عدالتن ۽ اپيلٽ فورمن ڏانهن موڪليل ڪيسن جو جائزو وٺندي ته جيئن صرف مضبوط ۽ ميرٽ تي ٻڌل ڪيس ئي اڳتي وڌايا وڃن، جڏهن ته ڪمزور ۽ غير ضروري ڪيس ختم ڪيا وڃن۔ ان قدم جو مقصد عدالتي نظام تي وڌندڙ بار گهٽائڻ ۽ ٽيڪس نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ آهي.

هي فيصلو وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي ڪابينا کي پيش ڪيل هڪ تفصيلي رپورٽ جي بنياد تي ڪيو ويو آهي۔ اها رپورٽ شاد محمد جي سربراهي ۾ قائم “زير التوا مقدمن بابت ٽاسڪ فورس” تيار ڪئي هئي۔

ايف بي آر  ۾ “ميمبر ليگل ريفارمز” جي نئين عهدي جي تجويز

ذريعن موجب فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) قانوني سڌارن کي تيز ڪرڻ لاءِ “ميمبر ليگل ريفارمز” نالي نئين اعليٰ عهدي جي تخليق لاءِ به سمري موڪلي ڇڏي آهي۔ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ان عهدي تي ڪنهن سينيئر آفيسر کي مقرر ڪيو ويندو، جيڪو ايف بي آر جي قانوني ڍانچي ۽ ڪيس مئنيجمينٽ ۾ سڌارا آڻيندو۔

ٽيڪس نظام مقدمن جي بحران جو شڪار

ٽاسڪ فورس جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جو ٽيڪس نظام سخت قانوني بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي۔ اپريل 2026 تائين ايف بي آر جي ان لينڊ روينيو ۽ ڪسٽمز سان لاڳاپيل لڳ ڀڳ 85 هزار 480 ڪيس سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽن ۽ اپيلٽ ٽربيونلز ۾ زير التوا آهن۔

رپورٽ موجب رڳو ڪسٽمز شعبي جا تقريبن 278 ارب رپيا مختلف قانوني تڪرارن سبب ڦاٿل آهن۔ جڏهن ته ان لينڊ روينيو بابت اصل نقصانن يا ڦاٿل رقم جو صحيح اندازو لڳائڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ايف بي آر جو پنهنجو ڊيٽا عدالتي رڪارڊ سان هم آهنگ نه آهي ۽ ان ۾ وڏا تضاد موجود آهن۔

سوال به اٿي رهيا آهن

ماهرن موجب جيڪڏهن حڪومت واقعي فضول ڪيسبازي ختم ڪرڻ چاهي ٿي ته پوءِ صرف ڪميٽيون ٺاهڻ ڪافي نه هوندو، پر ايف بي آر جي اندر احتساب، شفافيت ۽ آفيسرن جي ذميواري به طئي ڪرڻي پوندي۔

اهو سوال به اهم آهي ته ڇا هي اسڪروٽني ڪميٽي واقعي آزاد ۽ بااختيار هوندي؟ ڇا طاقتور ڌرين خلاف به ساڳيا اصول لاڳو ٿيندا؟ ڇا ٽيڪس نظام کي سياسي اثر کان آزاد ڪيو ويندو؟ ۽ ڇا ننڍن ڪاروبارن ۽ عام ٽيڪس ڏيندڙن کي به رليف ملندو؟

معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٽيڪس وصولي کان وڌيڪ مسئلو ٽيڪس نظام تي عوام جي بي اعتمادي آهي، جيڪا غير ضروري ڇاپن، ڊگهن ڪيسن ۽ بيوروڪريسي سبب وڌي آهي۔ جيڪڏهن حڪومت واقعي قانوني سڌارا آڻڻ ۾ سنجيده آهي ته پوءِ ان جا نتيجا رڳو فائيلن تائين محدود نه، پر عملي سطح تي به نظر اچڻ گهرجن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں