انگلينڊ جو پاڪستان جي خلاف 5 ٽيسٽ ميچز جي سيريز ڪرائڻ جو منصوبو

فہرستِ مضامین

انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ فيوچر ٽور پروگرام ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي خلاف پنج، پنج ٽيسٽ ميچز جي ھوم سيريز شامل ڪرڻ جو منصوبو ٺاھي ورتو آھي.

برطانوي ميڊيا جي رورٽس مطابق انگلينڊ ٻنھي ڪرڪيٽ بورڊز سان ابتدائي ڳالھيون ڪري ورتيون آھن.

رپورٽس مطابق انگلينڊ جو نئون فيوچر ٽور پروگرام ايندڙ سال آسٽريليا جي خلاف ھوم ايشينز سيريز سان شروع ٿيندو جنھن کان پوءِ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي خلاف ڊگھي ٽيسٽ سيريز شيڊيول ڪرڻ جو امڪان آھي.

برطانوي ميڊيا مطابق بنگلا ديش ۽ سريلنڪا جي خلاف ھڪ، ھڪ ٽيسٽ ميچ جي مختصر سيريز بھ فويچر ٽور پروگرام جو حصو ھوندي جڏھن تھ انھن ٽيمن سان وائٽ بال سيريز بھ کيڏي ويندي.

رپورٽس ۾ چيو ويو آھي تھ بنگلا ديش ۽ سريلنڪا جي خلاف وائٽ بال سيريز انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي لاءِ مالي طور تي فائديمند ھوندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں