پھريون ٽيسٽ: پاڪستان خلاف بنگلا ديش جي ٽيم پھرين اننگز ۾ 413 رنز ٺاھي آئوٽ

فہرستِ مضامین

پاڪتان جي خلاف بنگلاديش جي ٽيم پھرين ٽيسٽ ميچ جي پھرين اننگز ۾ 413 رنز ٺاھي آل آئوٽ ٿي وئي.

ڍاڪا ۾ کيڏي ويندڙ ميچ جي ٻئي ڏينھن راند جو آغاز مشفق الرحيم 48 ۽ لٽن داس 8 رنز سان ڪيو.

راند جي آغا جي ڪجھھ دير بعد ئي بنگلا ديش جي مشفق الرحيم پنھنجي اڌ سينچري مڪمل ڪئي، ھن 114 بالن تي 50 رنز ٺاھي ورتا، جنھن کان پوءِ ميزبان ٽيم جون وڪيٽون ڪرنديون ويون.

بنگلا ديش طرفاننجم الحسن شانتو 101 ۽ مومن الحق 91 رنز ٺاھي نمايان رھيا جڏھن تھ مشفق الرحيم 71، لٽن داس 33، مھدي حسن ميراز 10 ۽ تيج الاسلام 17 رنز ٺاھي آئوٽ ٿيا.

پاڪستان جي محمد عباس 5 ۽ شاھين آفريدي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏھن تھ نعمان علي ۽ حسن علي ھڪ ھڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

واضح رھي تھ بنگلا ديش ڪرڪيٽ ٽيم پھرين ٽيسٽ جي پھرين ڏينھن جي اختتام تي 4 وڪيٽن تي 301 رنز ٺاھي ورتا ھئا.

بنگلا ديش جي آئوٽ ٿيندڙ رانديگرن ۾ ڪپتان نجم الحسن شنتو 101، مومنالحق 91، محمود الحسن جواءِ 8 ۽ شادمان اسلام 13 رنز شامل آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں