پنجاب ۾ طوفاني وسڪارن تباھي مچائي ڇڏي،63 ڄڻا اجل جو شڪار، راولپنڊي ۽ اسلام آباد۾ بھ طوفاني وسڪارا، نالا لئي ۾ چاڙھ

فہرستِ مضامین

لاھور/اسلام آباد/راولپنڊي: پنجاب ۾ طوفاني وسڪارن دوران مختلف واقعن دوران 63 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آھن، جڏھن تھ راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ بھ طوفاني وسڪارن بعد نالا لئي ۾ خطرناڪ حد تائين چاڙھ اچي ويو آھي، امدادي ڪارروائين لاءِ پاڪ فوج گوالمنڊي پھچي وئي آھي.

راولپنڊي ۾ 15 ڪلاڪن دوران 230 ملي ميٽر برسات پوڻ بعد ندي نالن ۾ چاڙھھ اچي ويو آھي، چڪوال ۾ ڪڪر ڦاٽڻ سبب 423 ملي ميٽرز تائين برسات پئي ۽ پنوال ڊيم جو بند ٽٽي پيو، ھيٺاھين وارن علائقن جي ماڻھن کي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ٿيڻ لاءِ چيو ويو آھي.

راولپنڊي انتظاميھ بھ طوفاني وسڪارن بعد ٻوڏ جھڙي صورتحال سبب ھيٺاھين وارن علائقن جي رھواسين کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪرڻ شروع ڪيو آھي. ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي سموري ضلعي ۾ ھڪ ڏينھن جي موڪل جو اعلان ڪندي شھرين کي ھدايت ڪئي آھي تھ ھو انتھائي ضروري ھئڻ جي صورت ۾ ئي گھرن مان ٻاھر نڪرن.

مختلف واقعن ۾ 63 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن

نالا لئي ۾ پاڻيءَ جي حد خطري جي ليول تي پھچڻ بعد سائرن وڄايا ويا آھن، جڏھن تھ پاڪ فوج نالا لئي جو جائزو وٺڻ لاءِ گوالمنڊي پھچي وئي آھي.نالي جي صفائي نھ ٿيڻ سبب مختلف ھنڌن تي پاڻي گھرن ۾ داخل ٿي ويو آھي.راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ شديد برساتن بعد موٽر وي بھ پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي ۽ موٽر وي تي سفر ڪندڙن کي ڏکيائيون پيش اچي رھيون آھن.

راولپنڊي جي چڪري روڊ لاديان ڳوٺ ۾ ڦاٿل فيملي کي ٻاھر ڪڍڻ لاءِ ھيليڪاپٽر پھچي ويو، ھيليڪاپٽر جي مدد سان گھر جي ڇت تي ڦاٿل فيملي کي ريسڪيو ڪيو ويو.ترجمان ريسڪيو پنجاب جو چوڻ آھي تھ جھلم جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برساتن بعد ٻوڏ جي وھڪرن ۾ ڦاٿل ماڻھن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري آھي. ترجمان فاروق احمد موجب 6 ريسڪيو ٻيڙين جي مدد سان ڍوڪ شاھ عارف، سوھاوا، ڍوڪ بدر، رسول پور، ڀمپر وليج ۽ ٻين علائقن ۾ ڦاٿل ماڻھن کي ٻاھر ڪڍيو پيو وڃي.ميانوالي، چڪوال، اٽڪ، ڊي جي خان، رحيم يار خان، راجنپور ۽ ليھ ۾ بھ ريسڪيو آپريشن جاري آھي.

پي ڊي ايم اي پنجاب جي رپورٽ موجب صوبي جي مختلف علائقن ۾ طوفاني وسڪارن ۾ 24 ڪلاڪن دوران 63 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 290 زخمي ٿي پيا آھن. پي ڊي ايم اي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب لاھور ۾ 15، فيصل آباد ۾ 9، ساھيوال ۾ 5، پاڪ پتن ۾ 3 ۽ اوڪاڙھ ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا. پنجاب ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو جي ترجمان فاروق احمد موجب پاڪ فوج جي مدد سان ھيل تائين مختلف علائقن ۾ ڦاٿل 57 ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪيو ويو آھي. چڪري روڊ جي ڳوٺ ۾ گھر جي ڇت تي ڦاٿل خاندان کي ھيليڪاپٽر ذريعي ريسڪيو ڪرڻ واري پاڪ فوج جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل آھي. سي ايم پنجاب مريم نواز جي ھدايتن تي راولپنڊي سميت پنجاب جي برسات ۽ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں