واشنگٽن: آءِ ايم ايف پاڪستان کان ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۽ سڌارا جاري رکڻ تي زور ڏنو آھي.
آءِ ايم ايف بجلي، گيس ۽ پئٽروليم قيمتون لاڳت مطابق رکڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي، سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۽ سڌارا تيز ڪرڻ جو بھ مطالبو ڪيو آھي، سماجي تحفظ ۽ تعليم توڙي صحت تي خرچ وڌائڻ جي بھ ھدايت ڪري ڇڏي، موسمياتي تبديلين کي منھن ڏيڻ لاءِ سڌارا جاري رکڻ تي زور ڏنو ويو.
آءِ ايم ايف جي ايگزڪيوٽو بورڊ اجلاس جي جاري ڪيل پڌرائي مطابق پاڪستان جي لاءِ 1.4 ارب ڊآلر جي موسمياتي تبديلي فيسيليٽي آر ايس ايف تحت 22 ڪروڙ ڊالر منظور ڪيا، پڌرائي ۾ چيو ويو آھي تھ آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 1.32 ارب ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي.
آءِ ايم ايف پڌرائي ۾ چيو تھ پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام اچي رھيو آھي، وچ اوڀر جنگ جي باوجود پاڪستان معاشي ھدف حاصل ڪيا، پاڪستان کي ڪاروباري واڌ لاءِ مقابلي کي ھٿي ڏيڻي پوندي، مقابلي سان پيداواري شعبو ترقي ڪندو.
آءِ ايم ايف مطابق معاشي سڌارن جي ذريعي پاڪستان ڊگھي مدي واري معاشي گروٿ حاصل ڪري سگھي ٿو، مالي سال 2026ع ۾ پاڪستان جي معاشي شرح نمو 3.6 سيڪڙو رھڻ جو امڪان آھي، مھانگائي جي شرح ھلندڙ مالي سال ۾ 7.2 سيڪڙو رھڻ جو ڪاٿو آھي.
جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو تھ پاڪستان جا مٽاسٽا وارا ذخيرھ 17.5 ارب ڊالر تائين پھچڻ جي توقع آھي، ھلندڙ مالي سال پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح 6.9 سيڪڙو رھڻ جو امڪان آھي، ھلندڙ مالي سال قرض معيشت جو 73.8 سيڪڙو رھي سگھي ٿو.
پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو تھ اسٽيٽ بئنڪ وقت سر قدمن سان سخت مانيٽري پاليسي برقرار رکي، اسٽيٽ بئنڪ جي پاليسي جو مقصد مھانگائي کي قابو ۾ رکڻ آھي، گھريلو قيمتن ۽ اجرتن تي ممڪن دٻاءُ جي مانيٽرنگ جاري رکي وڃي.
آءِ ايم ايف مطابق ايڪسچينج ريٽ ۾ لچڪ معاشي جھٽڪن جي خلاف اھم آھي، مٽاسٽا وارن ذخيرن جي بحالي جو عمل جاري رکڻ جي ضرورت آھي، فارن ايڪسچينج مارڪيٽ ۾ وڌيڪ وسعت ۽ سڌارا ضروري آھن، مالياتي استحڪام لاءِ بئنڪن جو مناسب سيڙپڪاري برقرار رکڻ ضروري آھي.