آمريڪا ايران جي مدد جي الزام ۾ 10 ڄڻن ۽ ڪمپنين تي پابندي لڳائي ڇڏي

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: آمريڪي عملدارن ايران کي ھٿيار حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراھم ڪرڻ جي الزام ۾ 10 ڄڻن ۽ ڪمپنين تي پابندي لڳائي ڇڏي.

پابندين جي شڪار ماڻھن ۽ ڪمپنين تي اھو الزام آھي تھ انھن شايد ڊرون ٺاھڻ لاءِ مواد پھچائڻ ۾ ايران جي مدد ڪئي آھي.

پرڏيھي نيوز ايجنسي مطابق آمريڪا طرفان چين ۽ ھانگ ڪانگ سان تعلق رکندڙ ماڻھن ۽ ڪمپنين تي پابنديون لاڳو ڪيون ويون آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں