حڪومت پئٽروليم شين جي اگھن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو.
پئٽروليم ڊويزن مطابق ڊيزل جي قيمت ۾ 15 فرپيا في ليٽر جو اضافو ڪيو ويو جنھن کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 414 رپيا 58 پئسا في ليٽر مقرر ٿي وئي.
پئٽرول جي قيمت ۾ 14 رپيا في ليٽر جو اضافو ڪيو ويو جنھن کان پوءِ پئٽرولي جي نئين قيمت 414 رپيا 78 پئسا في ليٽر ٿي وئي.
پئٽروليم ڊويزن مطابق پئٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون ھڪ ھفتي لاءِ مقرر ڪيون ويون آھن.
ٻئي طرف پئٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب پئٽرول ۽ ڊيزل تي في ليٽر ليوي 13 رپيا 91 پئسا وڌائي وئي.
پئٽرول تي ليوي 103 رپيا 50 پئسن مان وڌي 117 رپيا 41 پئسا في ليٽر ٿي وئي، ڊيزل تي ليوي 28 رپيا 69 پئسن کان وڌي 42 رپيا 60 پئسا في ليٽر مقرر ٿي وئي.