نيويارڪ: اقوام متحدھ ۾ روس جي مستقل نمائندي ايران جي خلاف آمريڪا جي تجويز ڪيل قرارداد کي سختي سان رد ڪندي ان کي خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ جي ھڪ ٻي ڪوشش قرار ڏنو آھي.
ھي بيان ايوام متحدھ جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ خليج فارس جي بحري سلامتي بابت اجلاس دوران سامھون آيو.
روسي نمائندي واضح ڪيو تھ ماسڪو ڪنھن اھڙي قرارداد جي حمايت نھ ڪندو جيڪو صرف ايران کي نشانو بڻائي ۽ خطي ۾ جاري بحران جي بنيادي سببن کي نظرانداز ڪري.
ويسلي نيبينزيا چيو تھ اسان ايران جي خلاف ھڪ طرفو بيانيو مسلط ڪرڻ جي ھر ڪوشش کي رد ڪريون ٿا، جيستائين بحران جي اصل سببن کي نظر ۾ نھ رکيو وڃي.
ھن خبردار ڪيو تھ متعصبانھ قراردادن جي منظوري وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي نئين لھر کي جنم ڏئي سگھي ٿي.
روسي نمائندي مطابق خليج فارس ۾ بحري سلامتي صرف ھڪ طرفي مذمت يا اشتعال انگيز قدمن سان ممڪن نھ پر ان لاءِ جاري تڪرار جو خاتمو ۽ فوجي ڪارروائين کي روڪڻ ضروري آھي.
روس سلامتي ڪائونسل جي تمام ميمبرن ملڪن تي زور ڏنو تھ اھي خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ سان پاسو ڪن ۽ ٽڪراءَ تي ٻڌل قراردادون پيش نھ ڪن.
واضح رھي تھ آمريڪا بحرين، سعودي عرب، يو اي اي، ڪويت، قطر جي حمايت سان اھا قرارداد پيش ڪئي ھئي، قرارداد ۾ ايران کان آبناءِ ھرمز ۾ حملي روڪڻ ۽ ٽول ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ھو.