هنتا وائرس: هڪ مريض ان کي “زمين تي جهنم” ڇو قرار ڏنو؟

فہرستِ مضامین

عالمي اداري صحت (ڊبليو ايڇ او) موجب ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ هلندڙ هڪ ڪروز شپ تي هنتا وائرس جي شڪي پکڙجڻ بعد ٽن ماڻهن جي فوت ٿيڻ جون خبرون سامهون آيون آهن، جڏهن ته ٻن ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهي ۽ وڌيڪ شڪي ڪيسن جي جاچ جاري آهي.

هي وائرس “ايم وي هونڊيئس” نالي ڪروز شپ تي ظاهر ٿيو، جيڪو ارجنٽينا کان ڪيپ وردي ڏانهن سفر ڪري رهيو هو. ڊبليو ايڇ او موجب متاثر ماڻهن جا  ليبارٽري ٽيسٽ وٺي چڪاس جو عمل جاري آهن ته جئين وائرس جي نوعيت ۽ ان جي پکيڙ بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي.

“اها بيماري جهنم کان گهٽ نه هئي”

ڪينيڊا سان تعلق رکندڙ لورن واربرٽن نالي شخص ٻڌايو ته هن ٽي سال اڳ تائين هنتا وائرس جو نالو به نه ٻڌو هو، پر جڏهن هو پاڻ ان جو شڪار ٿيو ته زندگي ۽ موت جي وچ واري صورتحال مان گذريو.

پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مارچ 2023ع ۾ کيس ڪووڊ جهڙيون علامتون محسوس ٿيڻ شروع ٿيون، جن ۾ تيز جسماني سور، مسلسل مٿي جو سور، سخت ٿڪاوٽ ۽ ساھ کڻڻ ۾ تڪليف شامل هئي.

هن ٻڌايو ته سندس حالت ڪجهه ئي ڏينهن ۾ انتهائي خراب ٿي وئي۔ “مان پگهر ۾ ٻڏل هئس، ساهه نٿي کڻي سگهيس، ۽ محسوس ٿي رهيو هو ته جسم مڪمل طور جواب ڏئي رهيو آهي.”

ڊاڪٽرن کيس اسپتال منتقل ڪري لائف سپورٽ مشين تي رکيو، جتي ٽيسٽن بعد خبر پئي ته هو هنتا وائرس ۾ مبتلا آهي۔ هو لڳ ڀڳ ٽي هفتا اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو.

لورن موجب: “جنهن تڪليف مان مان گذريو آهيان، اها واقعي جهنم هئي. اهو هڪ قسم جو تشدد هو. ان مان نڪري ٻيهر عام زندگي ڏانهن موٽڻ تمام ڏکيو مرحلو هو.”

هنتا وائرس ڇا آهي؟

هنتا وائرس هڪ خطرناڪ وائرس آهي جيڪو عام طور تي ڪوئن، خاص طور تي جهنگلي چوهن ۽ ٻين روڊنٽس ذريعي انسانن تائين منتقل ٿيندو آهي.

ماهرن موجب ماڻهو ان وائرس ۾ تڏهن مبتلا ٿيندا آهن جڏهن هو متاثر جانورن جي پيشاب، فضلي يا لار سان رابطي ۾ اچن يا انهن جي آلودہ ذرڙن کي ساھ ذريعي اندر کڻن.

هي وائرس ڦڦڙن ۽ ساهه جي نظام کي سخت متاثر ڪري سگهي ٿو، جنهن سبب مريض کي شديد بخار، جسماني سور، ساھ ۾ تڪليف ۽ ڪجھ حالتن ۾ موت به واقع ٿي سگهي ٿو.

ڪروز شپ تي وائرس جي شڪي پکڙجڻ بعد عالمي سطح تي خدشا وڌي ويا آهن، ڇاڪاڻ⁠ تہ بند ماحول ۾ وائرس جي تيزي سان منتقل ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن.

ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته صورتحال تي ويجهي نظر رکي پئي وڃي ۽ متاثر ماڻهن سان رابطي ۾ رهندڙ ٻين مسافرن جي به اسڪريننگ جاري آهي.

ماهرن عوام کي صلاح ڏني آهي ته هو صفائي جا اصول اختيار ڪن، جهنگلي چوهن کان پري رهن ۽ ڪنهن به غيرمعمولي علامت ظاهر ٿيڻ تي فوري طور طبي مدد حاصل ڪن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں