آبناءِ ھرمز ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تازين جھڙپن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آھي.
الجزيرھ مطابق برينٽ تيل جي قيمت ھڪ وقت ۾ 7.5 سيڪڙو وڌي 103.70 ڊالرز في بيرل تائين پھچي وئي ھئي جڏھن تھ بعد ۾ معمولي گھٽتائي بعد 101.12 ڊالرز تي اچي وئي.
واضح رھي تھ آمريڪي فوجي ڪمان دعويٰ ڪئي آھي تھ ايراني ميزائلن، ڊرونز ۽ ٻيڙين جي حملن کان پوءِ آمريڪي بحري جھازن ايران جي خلاف جوابي ڪارروائي ڪئي آھي.
ٻئي طرف ايران آمريڪا تي جنگبندي جي خلاف ورزي ڪرڻ ۽ ايراني آئل ٽينڪر سميت شھري علائقن کي نشانو بڻائڻ جو الزام لاڳو ڪيو آھي.
ياد رھي تھ عالمي مارڪيٽ ۾ جنگ شروع ٿيڻ بعد تيل جي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو اضافو ٿي چڪو آھي جڏھن تھ ايشيائي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ بھ شديد ٻاڙائي ڏئي وئي آھي.