ٽرمپ جو چين جو دورو: وڏي اڳڀرائي بدران علامتي سفارتڪاري جا امڪان

فہرستِ مضامین

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ)

آمريڪي صدر  جي امڪاني چين دوري بابت عالمي ميڊيا ۽ غيرجانبدار تجزئي نگارن جون رپورٽون ظاهر ڪن ٿيون ته هي دورو وڏي سفارتي يا اقتصادي “بريڪ ٿرو” بدران گهڻو ڪري علامتي نوعيت جو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ بنيادي اختلاف اڃا برقرار آهن.

عالمي خابرو اداري رائيٽرس موجب ٽرمپ ۽ چيني صدر شي جن پنگ جي وچ ۾ اهم ملاقاتون 14 ۽ 15 مئي 2026ع تي بيجنگ ۾ متوقع آهن. شروعاتي طور اهو دورو مارچ جي آخر ۾ طئي ٿيل هو ۽ ٽن ڏينهن تي ٻڌل هيو، پر ايران سان وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ هرمز واري بحران سبب ان کي ملتوي ڪيو ويو.

رپورٽن موجب، ٽرمپ جو موجوده دورو ٻن ڏينهن جي اهم سربراهي ملاقاتن تي مشتمل هوندو، جڏهن ته سفارتي ۽ ڪاروباري وفدن جون سرگرميون ان کان اڳ ۽ پوءِ به جاري رهنديون.

چين مضبوط پوزيشن ۾؟

تجزيو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته موجوده عالمي حالتن ۾ چين نسبتاً مضبوط پوزيشن ۾ بيٺو نظر اچي رهيو آهي. آمريڪا هڪ پاسي ايران واري بحران، هرمز  جي صورتحال ۽ عالمي توانائي بحران سبب دٻاءَ ۾ آهي، ته ٻئي پاسي چين پنهنجي واپاري ۽ اسٽريٽجڪ اثر رسوخ کي وڌيڪ وڌائي چڪو آهي. ٽائيم ميگزين ۽ ٻين مغربي تجزين موجب، بيجنگ هن وقت ڪنهن وڏي رعايت يا جامع واپاري معاهدي لاءِ تيار نظر نٿو اچي، ڇاڪاڻ⁠ تہ چين سمجهي ٿو ته وقت هن جي حق ۾ هلي رهيو آهي.

اختلافن جا اهم نقطا

آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ ڪيترن ئي معاملن تي سخت اختلاف برقرار آهن، جن ۾: واپاري ٽيرف ۽ اقتصادي پابنديون، جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيمي ڪنڊڪٽرز تي پابنديون، تائيوان جو مسئلو، ڏکڻ چين سمنڊ ۾ فوجي اثر رسوخ، انساني حقن جا سوال، ناياب معدنيات ۽ سپلاءِ چين تي ڪنٽرول شامل آهن.

بوئنگ ڊيل ۽ واپاري مفاهمت؟

ڪجهه آمريڪي ڪاروباري حلقا اميد رکن ٿا ته دوري دوران چين طرفان آمريڪي ڪمپني بوئنگ کان جهاز خريد ڪرڻ بابت ڪا اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي۔ رپورٽن مطابق 500 تائين “737 MAX” جهازن بابت ڳالهين جا امڪان موجود آهن، پر ماهرن جو چوڻ آهي ته ان کي به مڪمل واپاري معاهدو نٿو چئي سگهجي.

تائيوان معاملو به اهم ايجنڊا

تائيوان  بابت به ملاقاتن ۾ اهم بحث جو امڪان آهي۔ تائيوان جي انٽيليجنس اختيارين اڳ ئي خبردار ڪيو آهي ته چين، ٽرمپ جي “ڊيل بيسڊ” سفارتڪاري مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو.

عالمي نظرون بيجنگ ملاقاتن تي

سفارتڪارن موجب، ٽرمپ ۽ شي جن پنگ جي ملاقاتن مان فوري طور وڏن نتيجن جي توقع گهٽ آهي، پر ٻنهي ملڪن لاءِ ڇڪتاڻ کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۽ واپاري جنگ کي وڌيڪ وڌڻ کان روڪڻ بنيادي مقصد هوندو.

عالمي مبصرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هي ملاقاتون ڪنهن محدود واپاري مفاهمت يا سفارتي رابطن جي بحالي تائين به پهچي وڃن ٿيون ته ان کي موجوده عالمي بحرانن جي تناظر ۾ اهم اڳڀرائي سمجهيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں