گهرو وزيرمحسن نقوي جي دعويٰ: “آمريڪي صدر ڀارت کي وڏي تباهي کان بچايو”

فہرستِ مضامین

 گهرو وفاقي وزير محسن نقوي دعويٰ ڪئي آهي ته “معرڪه حق” دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت کي وڏي نقصان کان بچايو، جڏهن ته جنگي صورتحال ۾ ڀارت کي ايترو نقصان رسيو جو هاڻي هو پاڪستان خلاف ڪنهن به نئين مهم جوئي کان اڳ ڪيترائي ڀيرا سوچيندو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محسن نقوي چيو ته معرڪه حق دوران ڀارت جا ڪيترائي اهم هدف پاڪستان جي نشاني تي هئا ۽ جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ وڌي ها ته ڀارت کي وڌيڪ سخت نقصان برداشت ڪرڻو پوي ها.

هن چيو ته ڀارت ننڍي ۽ وچولي سائيز جا ڊرون پاڪستان جي مختلف علائقن ڏانهن موڪليا. سندس چوڻ هو ته ڪجهه ڊرون پاڪستاني علائقن تائين پهتا، پر گهڻا ڊرون سرحدي علائقن تي ئي پاڪستاني رينجرز ۽ دفاعي نظام تباهه ڪري ڇڏيا. هن دعويٰ ڪئي ته ڀارت سائبر حملن جي به ڪوشش ڪئي، پر پاڪستان جي سائبر سيڪيورٽي ۽ دفاعي نظام آڏو ڀارت “ويجهو به نه اچي سگهيو”.

وزير داخلا چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوجن ۽ سيڪيورٽي ادارن مڪمل تياري سان صورتحال کي منهن ڏنو ۽ دشمن جي هر حرڪت تي ويجهي نظر رکي وئي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع، خودمختياري ۽ قومي سلامتي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندو.

محسن نقوي جي بيان کانپوءِ سياسي ۽ دفاعي حلقن ۾ بحث تيز ٿي ويو آهي. تجزئي نگارن موجب، پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ خطي جي امن لاءِ سنجيده خطرو بڻجي سگهي ٿي، جڏهن ته آمريڪا سميت عالمي قوتون صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ سفارتي رابطا جاري رکيو ويٺيون آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں