آمريڪي فوجي عملدارن دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي فورسز ايران جي شهرن قشم ۽ بندر عباس ۾ ٻن هدفن کي نشانو بڻايو آهي. آمريڪي ٽي وي نيٽورڪ اين بي سي سان ڳالهائيندي آمريڪي عملدارن چيو ته اها “دفاعي ڪارروائي” هئي ۽ ان جو مقصد ايران سان نئين جنگ شروع ڪرڻ نه هو.
آمريڪي اختيارين موجب، پاسدارانِ انقلاب طرفان آمريڪي بحري جهازن ڏانهن خطري واري حرڪت کانپوءِ اها ڪارروائي ڪئي وئي. هنن دعويٰ ڪئي ته صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ پنهنجي فوجي اثاثن جي تحفظ لاءِ محدود هدفن کي نشانو بڻايو ويو.
ٻئي طرف ايراني خبر ڏيندڙ ادارن فارس ۽ تسنيم نيوز ايجنسي پاسدارانِ انقلاب پاران ميزائل فائر ڪرڻ جي لمحي جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي. وڊيوز ۾ مبينا طور سامونڊي علائقي مان ميزائل فائرنگ ۽ فوجي تياريون ڏيکاريون ويون آهن، جڏهن ته ايران طرفان آمريڪي بيانن تي سخت ردعمل جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب نار واري خطي ۾ صورتحال انتهائي حساس بڻجي وئي آهي. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهڙيون فوجي ڪارروايون جاري رهيون ته خطي ۾ وڏي تڪرار جا خطرا وڌي سگهن ٿا.
سياسي تجزئي نگارن موجب، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اڳ ئي موجود ڇڪتاڻ هاڻي نئين مرحلي ۾ داخل ٿيندي نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته عالمي طاقتون صورتحال تي ويجهي نظر رکيون ويٺيون آهن.