ٽنڊو محمد خان ۾ عورت مبينھ طور تي ٻن ٻارڙن سميت ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي آپگھات ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب ٽنھي جا لاش ڪڍيا ويا آھن جڏھن تھ انھن جي سڃاڻپ اڃا تائين نھ ٿي سگھي آھي.
ريسڪيو ڪري 24 سالن جي عورت، 7 ۽ 6 سالن جي ٻن ٻارڙن جا لاش ڪڍيا ويا آھن.
لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آھن.
پوليس جو چوڻ آھي تھ واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.