سعودي عرب فوجي ڪارروائين لاءِ فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ جاري جنگ دوران سعودي عرب پنھنجي فضائي حدن کي ڪنھن بھ قسم جي جارحاڻي فوجي ڪارروائين جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

عرب ميڊيا جي ھڪ رپورٽ ۾ سعودي ذريعن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو آھي تھ سعودي عرب ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي جو خواھشمند آھي ۽ پاڪستاني ثالثي جي ان تمام ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو جن جو مقصد واشنگٽن ۽ تھران وچ ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ ھڪ معاھدي تائين پھچڻ آھي.

سعودي ذريعن موجب جارحاڻي فوجي ڪارروائين جي لاءِ پنھنجون فضائي حدن جي استعمال جي اجازت ناھي ڏني.

سعودي ذريعن موجب ڪجھھ عنصر شڪي سبب جي ڪري سعودي عرب جي موقف جي گمراھھ ڪندڙ تصوير پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن.

واضح رھي تھ آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل گذريل ڏينھن پنھنجي ھڪ رپورٽ ۾ اھا دعويٰ ڪئي ھئي تھ سعودي عرب ۽ ڪويت آمريڪي فوج کي اڏن ۽ فضائي حدن تائين ٻيھر رسائي ڏئي ڇڏي آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں