نائب وزيراعظم ۽ پرڏيھي معاملن واري وزير اسحاق ڊار سنگاپور ويجھو آمريڪي عملدارن جي تحويل ۾ موجود جھازن تي پاڪستاني ۽ ايراني مھاڻن جي حفاظت سان واپسي لاءِ سفارتي سطح تي رابطا جاري آھن.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو سنگاپور جي پرڏيھي وزير ويوين بالاڪرسشنن سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آھي، جنھن ۾ سنگاپور سان پاڪستاني ۽ ايراني سامونڊي عملي جي حفاظت سان واپسي تي ڳالھھ ٻولھھ ڪئي وئي.
ھن آمريڪي عملدارن جي تحويل مان 11 پاڪستاني، 20 ايراني بحري ڪارڪنن جي وطن واپسي ۾ تعاون جي درخواست ڪئي آھي.
اسحاق ڊار سماجي رابطي جي ويب سائٽ “ايڪس” تي پنھنجي بيان ۾ چيو آھي تھ ايراني پرڏيھي وزير عباس عراقچي سان بھ ان معاملي تي ڳالھھ ٻولھھ ڪئي آھي ۽ ٻئي ملڪ ان صورتحال تي ويجھي رابطي ۾ آھن.
ھن چيو تھ پاڪستان ايراني شھرين جي پاڪستان رستي ايران واپسي ۾ بھ ھر ممڪن سھولت فراھم ڪرڻ جي لاءِ تيار آھي.
نائب وزيراعظم سنگاپور طرفان تعاون ۽ حمايت جي ساراھھ ڪندي چيو تھ پاڪستان جي پرڏيھي وزارت ۽ لاڳاپيل ادارا آمريڪي عملدارن سميت ٻين ڌرين سان مسلسل رابطي ۾ آھن تھ جيئن پاڪستاني شھرين جي حفاظت، سارسنڀال ۽ جلد کان جلد وطن واپسي کي يقيني بڻائي سگھجي.