ڪراچي: ترقياتي ڪم جي تڪميل بعد ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تان پاڻي جي فراھمي بحال

فہرستِ مضامین

ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي ترقياتي ڪم مڪمل ٿيڻ بعد ڪراچي کي پاڻي جي فراھمي بحال ڪئي وئي.

واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان مطابق ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تان 40 ملين گيلن پاڻي جي فراھمي بحال ڪئي وئي آھي.

شھر کي ھن وقت روزانو 650 ملين گيلن پاڻي جي فراھمي معمول مطابق جاري آھي.

ڪراچي ۾ ڪجھھ ڏينھن مرمتي ڪم سبب 40 ملين گيلن پاڻي جي کوٽ کي مھن ڏيڻو پيو ھو.

ترجمان جو چوڻ آھي تھ شھر جي تمام پمپنگ اسٽيشنز تان بنا روڪ جي پاڻي جي فراھمي جاري آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں