نوابشاھ ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ 3-3 سڳن ڀائرن سميت 6 نوجوان قتل

فہرستِ مضامین

نوابشاھ (رپورٽ: راشد لاشاري) ڪيريا موري اولڊ نوابشاھھ وٽ اڻڄاتل ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ موٽرسائيڪل سوار 6 نوجوان مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ 3-3 سڳا ڀائر بھ شامل آھن. پوليس موجب واقعو ڀنگوار برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٻنين جي مالڪيءَ تان جاري پراڻي تڪرار تان پيش آيو آھي، مارجي ويل 6 نوجوانن ۾ 3 سڳا ڀائر تاج محمد، رجب ۽ شھباز پٽ غلام محمد ڀنگوار شامل آھن، جڏھن تھ ٻيا 3 مقتول فرمان علي، قربان علي ۽ يار محمد ڀنگوار بھ پاڻ ۾ ڀائر ھئا.ڳوٺ اسحاق محمد ڀنگوار سان تعلق رکندڙ نوجوان عدالت ۾ پيشي لاءِ موٽرسائيڪلن تي سوار ٿي وڃي رھيا ھئا تھ ڪيريا موري وٽ تاڙ ۾ ويٺل ھٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ 6 ئي نوجوان مارجي ويا. مقتولن جي وارثن جو چوڻ آھي تھ برادري جي ٻي ڌر سان زمين جي مالڪيءَ تان 8 سالن کان تڪرار ھلندڙ ھو ۽ جوابدار ڌر جا 2 ڄڻا مارجي ويا ھئا، نياڻيون ميڙ ڪري وڃڻ باوجود ٻي ڌر تڪرار نبيرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو. ايس ايس پي شبير سيٺار 6 ڄڻن جي مارجي وڃڻ جو اطلاع ملڻ تي واقعي واري ھنڌ پھتو، نوجوانن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ  نوابشاھھ اسپتال منتقل ڪيا ويا، قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. مارجي ويل 6 ئي نوجوانن جا لاش گھرن ۾ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، مقتول نوجوانن جي وارث عورتن چيو تھ اسان جي نوجوانن جو خوني تڪرار سان ڪو بھ تعلق نھ ھو، کين ناحق قتل ڪيو ويو آھي. مقتولن جي وارثن پاران قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزائون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ايس ايس پي شبير سيٺار دي واچ ٽاور نيوز سان ڳالھائيندي چيو تھ ٻنھي ڌرين ۾ 2010 کان تڪرار ھلندڙ ھو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف علائقن جي ناڪابندي ڪئي وئي آھي ۽ کين جلد گرفتار ڪيو ويندو. ايس ايس پي شبير سيٺار ٻڌايو تھ 2010 ۾ ٻنھي ڌرين وچ ۾ پلاٽ جي معاملي تان تڪرار شروع ٿيو ھو، اھو تڪرار ان وقت خوني جھيڙي ۾ تبديل ٿي ويو، جڏھن اسماعيل ڀنگوار جي والد سميت 3 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو. اسماعيل ڀنگوار اڄ ساٿي جوابدارن جي مدد سان پلاند لاءِ پنھنجن نوجوان سئوٽن تي حملو ڪيو، فائرنگ ۾ جوابدار اسماعيل جا 6 ئي سئوٽ مارجي ويا. واقعي سمورا جوابدار فرار ٿي ويا آھن، پوليس فوري ڪارروائي ڪندي جوابدار اسماعيل ڀنگوار جو گھر ڊاھي ڇڏيو آھي، جڏھن تھ 3 شڪي جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو آھي. ھڪ ئي وقت 6 نوجوانن جي قتل واري واقعي تي علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو آھي، جڏھن تھ پوليس گشت وڌائي ڇڏيو آھي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا پيا وڃن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں