آمريڪي عدالت صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو 10 سيڪڙو عالمي ٽيرف ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

آمريڪي تجارتي عدالت صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان لاڳو ڪيل 10 سيڪڙو عالمي درآمدي ٽيرف جي خلاف فيصلو ٻڌائيندي ان کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.

عرب ميڊيا مطابق آمريڪي عدالت اھو فيصلو انھن ننڍن ڪاروبارن جي حقن ۾ ڏنو آھي جن فيبروري ۾ لاڳو ڪيل ٽيرف کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ھو.

عالت 2-1 جي اڪثريت سان فيصلو ٻڌائيندي چيو تھ 1974ع جي تجارتي قانون تحت ايڏي وسيع پئماني تي محصول لڳائڻ جو جواز موجود ناھي.

واضح رھي تھ ٽرمپ انتظاميھ موقف اختيار ڪيو ھو تھ آمريڪا کي 1.2 کرب ڊالرز جي تجارتي خساري ۽ معاشي دٻاءُ جو منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي جنھن ڪري اھو قدم ضروري آھي.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آھي تھ حڪومت جنھن قانون جو سھارو ورتو، اھو ان نوعيت جي تجارتي خساري تي لاڳو نٿو ٿئي.

عالتي رمارڪس مطابق صدر ٽرمپ پنھنجا اختيار اورنگھيا.

عرب ميڊيا مطابق درخواستگذار، رانديڪن جي ڪمپني جي سربراھھ جي فورمين فيصلي کي ڀليڪار ڪندي چيو تھ غير قانوني محصول سان ڪاروبار، عالمي سپلاءِ نظام ۽ صارفين متاثر ٿي رھيا ھئا.

ھن اھو بھ چيو تھ عدالتي فيصلي سان ڪاروباري ادارن کي استحڪام ۽ واضح رخ ملندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں