لاھور ھاءِ ڪورٽ مريم نواز جي 7 ڪروڙ رپيا واپسي جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

لاھور ھاءِ ڪورٽ جي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز طرفان جمع ڪرايل 7 ڪروڙ رپيا واپس وٺڻ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس عاليھ نيلم جي سربراھي ۾ 3 رڪني بئنچ 11 مئي تي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي.

عدالت قومي احتساب بيورو (نيب) کان حلف بيان بھ طلب ڪيو آھي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي تھ چوڌري شگر ملز ريفرنس ۾ 7 ڪروڙ گارنٽي طور لاھور ھاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا ويا ھئا جڏھن تھ نيب ھاڻ چوڌري شگر ملز ڪيس ختم ڪري چڪو آھي.

درخواستگذار طرفان عدالت کي گذارش ڪئي وئي آھي تھ ھاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل 7 ڪروڙ رپيا واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں