تھران: ايران آمريڪا تي جنگبندي جي خلاف ورزي جو الزام لاڳو ڪندي ڪنھن بھ جارحيت جو جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي.
ايران جي خاگتم الانبيا مرڪزي ھيڊ ڪوارٽرز جي ترجمان آمريڪا تي جنگبندي جي خلاف ورزي جو الزام لڳائيندي چيو تھ آمريڪيي فورسز آبناءِ ھرمز طرفان ويندڙ ھڪ ايراني آئل ٽينڪر ۽ فجيرھ بندرگاھ جي ويجھو آبناءِ ھرمز ۾ داخل ٿيندڙ ھڪ ٻئي جھاز کي نشانو بڻايو.
ترجمان پنھنجي بيان ۾ چيو تھ آمريڪي ڪارروائي ايراني ساحلي علائقي جاسڪ کان آبناءِ ھرمز طرفان وڌندڙ ٽينڪر تي ڪئي وئي، آمريڪا خطي جي ڪيترن ئي ملڪن جي تعاون سان خمير، سيريڪ ۽ جزيرھ قشم جي ساحلي علائقن ۾ شھري آبادي تي فضائي حملا ڪيا.
ھن جو چوڻ ھو تھ ايراني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي آبناءِ ھرمز جي اوڀر ۽ چابھار بندرگاھ جي ڏکڻ ۾ موجود آمريڪي جنگي بحري جھازن کي نشانو بڻايو، جنھن سان ڳرو نقصان پھتو.
بيان ۾ آمريڪا ۽ اتحادين کي خبردار ڪندي چيو ويو تھ ايران ڪنھن بھ جارحيت جو ڀرپور جوابدار ڏيندو.