جھل مگسي ۾ مسافر ڪوچ کي حادثو، 8 ڄڻار مارجي ويا، 30 زخمي

فہرستِ مضامین

بولان: جھل مگسي ۾ ايم ايٽ شاھراھ تي مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 22 زخمي ٿي پيا.

پوليس مطابق حادثو ان وقت پيش آيو جڏھن خاران کان لاڙڪاڻي ويندڙ مسافر ڪوچ ايم ايٽ شاھراھ تي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي وئي، 7 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏھن تھ ھڪ زخمي اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏنو.

عملدارن مطابق مارجي ويلن ۾ عورت ۽ ٻار بھ شامل آھي.

عملدارن جو چوڻ آھي تھ حادثي بعد زخمين کي فوري طور تي ويجھي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي انھن کي طبي امداد فراھم ڪئي پئي وڃي، 7 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں