ڪرپشن جي الزام ۾ معطل چين جي ٻن اڳوڻن بچاءَ وارن وزيرن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي

فہرستِ مضامین

بيجنگ: ڪرپشن جي الزام ۾ معطل چين جي ٻن اڳوڻن بچاءَ وارن وزيرن کي موت جي سازا ٻڌائي وئي.

موت سزا مليل وي فينگھي 2018ع کان مارچ 2023ع تائين بچاءَ وارو وزير رھيو، جڏھن تھ لي شانگفو ان کان پوءِ بچاءَ وارو وزير ٿيو پر ڪجھھ مھينن بعد ان کي بھ برطرف ڪيو ويو ھو.

چيني سرڪاري ميڊيا مطابق ٻنھي کي رشوت جو مجرم قرار ڏيندي فوجي عدالت موت جي سزا ٻڌائي، جڏھن تھ انھن کي ٻن سالن جي مھلت بھ ڏني وئي آھي.

عالت چيو تھ ٻن سالن کان پوءِ انھن انھن جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪئي ويندي ۽ انھن کي پيرول جي سھولت بھ حاصل نھ ھوندي، ٻنھي جي خلاف 2023ع ۾ فوج جي بدعنواني جي خاتمي واري اداري تحقيقات شروع ڪئي ھئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں