آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ 1.2 ارب ڊالر قسط جي اڄ منظوري ڏيندو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اھم اجلاس اڄ واشنگٽن ۾ ٿيندو جنھن ۾ پاڪستان جي لاءِ 1.2 ارب ڊالر قرض جي قسط جي منظوري ڏني ويندي.

ناڻي واري وزارت مطابق اڄ آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس ۾ پاڪستان جي ڪيس جو جائزو ورتو ويندو، 1.2 ارب ڊالر جي قرض جي قسط ايف ايف ايف ۽ آر ايس ايف پروگرامز تحت پاڪستان کي ملندي.

ٻڌايو ويو آھي تھ ٽئين جائزھ رپورٽ ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ پاڪستان کي ھڪ ارب ڊالر ملندا جڏھن تھ آر ايس ايف جي ٻئي جائزي بعد 210 ملين ڊالر اضافي ملندا.

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 27 مارچ تي اسٽاف ليول معاھدو طئي ٿيو ھو، پاڪستان آءِ ايم ايف جي اڪثر شرطن تي عملدرآمد مڪمل ڪيو آھي، ايگزيڪيوٽو بورڊ اسٽاف ليول معاھدي جي روشني ۾ قرض جي منظوري ڏيندو.

ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب مطابق پاڪستان اسٽاف ليول معاھدو ڪاميابي سان مڪمل ڪيو آھي، پاڪستان طرفان تمام اڳواٽ انتظام مڪمل، قرض جي منظوري ٿيندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں