ملڪ جي تاريخ جو وڏو ھائوسنگ فراڊ، اسلام آباد ھائوسنگ سوسائٽي ۾ 6 ھزار پلاٽن جي گنجائش تي 42 ھزار فائيلون وڪرو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد ھائوسنگ سوسائٽي (آءِ سي ايڇ ايس) اسڪينڊل جي تحقيقات ڪندڙن ھڪ اھڙي فراڊ جو انڪشاف ڪيو آھي جنھن کي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ھائوسنگ فراڊز مان ھڪ قرار ڏنو پيو وڃي.

فراڊ تحت مبينھ طور تي پلاٽس جون لڳ ڀڳ 36 ھزار فائيلون غير قانوني طور تي جاري ڪيون ويون جڏھن تھ سوسائٽي وٽ ايتري زمين ئي نھ ھئي.

نيب راولپنڊي ۽ نيب اسلام آباد جي تحقيقات کان آگاھ ذريعن جو چوڻ آھي تھ سوسائٽي جي منظور ٿيل لي آئوٽ پلان ۽ موجود لينڊ بئنڪ مطابق صرف لڳ ڀڳ 6 ھزار فائيلون جاري ٿي سگھيون ٿي جڏھن تھ اڳوڻن عھديدارن ۽ مبينھ سھولتڪارن تي الزام آھي تھ انھن لڳ ڀڳ 42 ھزار فائيلون جاري ڪيون جنھن سان موجود زمين ۽ ڪيل الاٽمينٽ وچ ۾ وڏو فرق پيدا ٿي ويو.

تحقيقات مطابق ھينئر تائين لڳ ڀڳ 36 ھزار فائيلن کي غير قانوني، وڌيڪ يا دستياب زمين جي بغير قرار ڏنو ويو آھي جنھن سان ڪيترن ئي سالن تي ٻڌل مبينھ فراڊ، بدانتظامي ف۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جا سنگين سوال اٿن ٿا.

تحقيقات ۾ اھو بھ انڪشاف ڪيو ويو آھي تھ ھزارين فائيلن جي مڪمل ادائيگي ۽ الاٽمينٽ جو رڪارڊ يا تھ مجود ناھي يا پوءِ دستياب ئي ناھي.

عملدارن مطابق، ڪيترن ئي شھرين کي مبينھ طور تي اھڙي زمين جي بدلي پلاٽ فائيلون وڪرو ڪيون ويون جيڪي يا تھ مجود ئي نھ ھيون يا انھن جي قانوني منظوري نھ ھئي، يا پوءِ ڪڏھن درست طور تي دستاويزي شڪل ۾ نھ آندي وئي.

ذريعن جو چوڻ آھي تھ سوسائٽي جي لينڊ بئنڪ ۽ جاري ڪيل فائيلن جي تعداد ۾ وڏو فرق ان ڳالھھ جي نشاندھي ڪري ٿو تھ جعلي، ڊپليڪيٽ ۽ وڌيڪ فائيلن کي منظم انداز ۾ وڪرو ڪري عوام سان اربين جو فراڊ ڪيو ويو.

ھينئر تائين جي تحقيقات ۾ 16 ارب رپين کان وڌيڪ جي مالي بيضابطگين جو انڪشاف ٿي چڪو آھي جڏھن تھ عملدارن جو چوڻ آھي تھ جيئن جيئن رڪارڊ ۽ مالي ڏي وٺ جي وڌيڪ تحقيقات ٿي رھي آھي، ان رقم ۾ وڏو ۽ واضح اضافو سامھون اچي سگھي ٿو.

نيب عملدارن تصديق ڪئي آھي تھ ان ڪيس ۾ اڳوڻي مئنجمينٽ ڪميٽي ۽ ھڪ لينڊ ڊيلنگ ڪمپني سان تعلق رکندڙ 7 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، گرفتار ماڻھن ۾ اڳوڻو سيڪريٽري جنرل مھدي خان شاڪر، اڳوڻو خزانچي ملڪ محمد نواز، اڳوڻو ايگزيڪيوٽو ميمبر محمد ارشد ۽ لينڊ اسٽاڪ ڊيلنگ پوائنٽ ڪمپني سان واسطو رکندڙ چار ڄڻا، منير اختر، علي محمود، يامين ملڪ ۽ غلام جيلاني شامل آھن.

احتساب عدالت اسلام آباد وڌيڪ تحقيقات، دستاويزي شاھدين جي بازيابي، مالي ڏي وٺ جو پتو لڳائڻ ۽ اسڪينڊل ۾ مبينھ طور تي ملوث ٻين سھولتڪارن جي نشاندھي لاءِ نيب کي جوابدارن جو 7 ڏينھن جو جسماني رمانڊ ڏئي ڇڏيو آھي.

تحقيقات کان آگاھ عملدارن مطابق ھي ڪيس جاچ ٽيمون سوسائٽي جي انتظاميھ، زمين جي انتظام ۽ مالياتي معاملن سان جڙيل ٻين ماڻھن جي ڪردار جو جائزو وٺي رھيون آھن.

مختلف ٽيمون ڏوھھ جي مختلف رخن تي تحقيقات ڪري رھيون آھن تھ جيئن انڪوائري جلد مڪمل ٿي سگھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں