گرمي جي شدت ۾ اضافي سبب سنڌ حڪومت اعلان جي ھڪ ڏينھن بعد سنڌ پنڪ گيمز ملتوي ڪري ڇڏيا.
سنڌ پنڪ گيمز 8 کان 10 مئي تائين بينظير آباد ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو ھو.
گيمز جو افتتاح خاتون اول آصف ڀٽو زرداري کي ڪرڻو ھو.
جڏھن تھ سيڪريٽري اسپورٽس منور مھيسر جو چوڻ آھي تھ گرمي جي شدت ۾ اضافي سبب مختلف راندين جي ايسوسيئيشنز ايونٽ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي ھئي. ان لاءِ پنڪ گيمز ملتوي ڪيا ويا آھن.